سکر (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ڪئنالن واري معاملي تي پ پ جي پاليسي واضع نه آهي، ڇو ته وفاق ۾ پ پ حڪومت جي اتحادي آهي، پ پ ايم اين ايز کي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جا وزير چئي چڪا آهن ته پيپلز پارٽِي ڪئنال رٿا وارو معاملو طئي ڪري چڪي آهي، مان سمجهان ٿو ته وفاقي وزيرن جي اهڙي بيانن بعد اهو تاثر اچي ٿو ته اهي درست چون پيا، پيپلزپارٽي دٻاءُ ۾ اچي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ سان گڏ احتجاج ڪري رهي آهي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ وقت زرداري خاندان وٽ 500 ايڪڙ زمين هئي ۽ هاڻي اهي لکين ايڪڙ زمين جا مالڪ بڻجي ويا آهن، شايد انهن جي زمين ٻچا ڏنا آهن، پر اسان وٽ ته اها ئي زمين آھي، سنڌ ۾ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي فراهمي جي سنگين صورتحال جي پيش نظر ٿي سگهي ٿو. لکين ايڪڙ زمين زرداري پاڻيءَ کان سواءِ ڪيئن آباد ڪندو اهو زرداري ئي جواب ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته ٿي سگهي ٿو زرداري چولستان ۾ زمين حاصل ڪئي هجي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪئنال مسئلي تي ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ جي ماڻهن سگهاري انداز سان درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف آواز بلند ڪيو آهي، چولستان جي 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي 80 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي بنجر بڻائڻ ڪهڙي عقلمندي آهي.هن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي پ پ ٻٽو معيار اختيار پئي ڪري، وفاقي حڪومت جو مزو به وٺندا ۽ ڪئنالن جي مخالفت به ڪندا، پ پ کي هڪ رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، حڪومت کان الڳ ٿي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، سنڌ جا ماڻهو هاڻي وڌيڪ بيوقوف نه ٿيندا.