ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) جي ڊي اي اڳواڻن پير صدرالدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا ۽ مظهر راهوجو سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6ڪئنالن واري معاملي تي صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي پنهنجي گڏيل جواب ۾ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ماڻهن کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪئنالن واري مامري تي ميدان ۾ لٿل آهن، سنڌي قوم ڪنهن به قسم جو لالي پاپ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ، هڪ بيان ۾ جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته صدر آصف علي زرداري کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته 8 جولاءِ تي ڪئنال منصوبي تي سندس صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي مفادن جو خيال ڇو نه رکيو ويو؟ هاڻي جڏهن سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمني ۽ سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي تڏهن صدر آصف علي زرداري کي سنڌ جي ماڻهن جي مفادن جي ياد آئي آهي، هنن چيو ته قوم صدر پاران اھڙي منصوبي کي رد ڪرائڻ واري اعلان جو انتظار ڪري رهي آهي، هو وفاقي حڪومت کان ڪئنالن جي خاتمي جو اعلان ڪرائي يا وري وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ گهرجي ته جيئن نئين چونڊن ذريعي عوام جا حقيقي نمائندا چونڊيا وڃن، جيڪي عوام جي مفادن ۾ فيصلا ڪري سگهن، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کي خبر هجڻ گهرجي ته عوامي دشمن منصوبو رد ٿيڻ تائين سنڌ جا ماڻهو ڪئنال منصوبي خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکندا،