زرداري، شاهد خاقان ۽ منظور ڪاڪا نيب ترميمن مان فائدو کنيو: رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

0
109
زرداري، شاهد خاقان ۽ منظور ڪاڪا نيب ترميمن مان فائدو کنيو: رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع
زرداري، شاهد خاقان ۽ منظور ڪاڪا نيب ترميمن مان فائدو کنيو: رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمن مان ڪنهن ڪنهن فائدو کنيو، نيب پاران رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان، خورشيد انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا، انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي هلندڙ سال نيب ترميمن مان فائدو کنيو، رپورٽ موجب 30 آگسٽ تي 12 ريفرنس نيب عدالتن کي منتقل ٿيا، هلندڙ سال مجموعي طور 22 ڪيس احتساب عدالتن مان منتقل ٿيا، ترميمن جي ڪري 25 ڪيس ٻين فورمز کي منتقل ٿيا.