ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) زراعت ۽ انساني حقن جا سيڪريٽري تبديل: مڱڻيجو موڪل تي روانو ،  ان حوالي سان  سنڌ سرڪار هيومن رائيٽس کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري تحسين فاطمه کي هيومن رائٽس کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. بورڊ آف روينيو جي ميمبر آر ايس اينڊ اِي پي شمشاد علي کي هٽائي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جو عباس بلوچ کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. زراعت کاتي جي سيڪريٽري رفيق مصطفيٰ شيخ کي بدلي ڪري سوشل پروٽيڪشن ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جو چيئرمين شڪيل مڱڻيجو موڪل تي روانو ٿي ويو،  جنهن بعد ماحوليات کاتي جي سيڪريٽري آغا واصف کي چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي اضافي چارج سونپي وئي