ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام جي نيوڪلير انسٽيٽيوٽ ۽ ايگريڪلچر نيا ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان ايٽامڪ اينرجي جي تعاون سان هارين جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب، سيمينار ڪڻڪ جي پيداوار، سندس اهيمت، سميت ٻين مسئلن، ڪمند جي بهترين پيداور ان جي اهيمت سميت ٻين پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سکيا ڏني وئي، تقريب ۾ ميمبر ايٽامڪ ايرنجي ڊاڪٽر مقصود اقبال، زرعي يونيورسٽي جو وي سي الطاف سيال، ڊي جي ريسرچ مظهردين ڪيريو، ڊي جي ايڪسٽينشن ڊاڪٽر جماڻي، سنڌ آبادگار بورڊ جي ميمبر سيد نديم شاهه، سيد ڪارپوريشن جي نبي بخش سٺيو، ڊاڪٽر زاهد مختار، سميت آبادگارن، مختلف ڪمپنين جي ايم ڊيز سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان ۾موقعي تي ستاره امتياز ڊاڪٽر مقصود اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت موسمي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو چيلينج آهي، هن چيو ته اسان پاڪستان مان موسمي تبديلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون جيستائين اسان جديد دور جي ٽيڪنالاجي ۽ نئين وارئٽي جو استعمال ڪرڻ سان موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿئي سگهي ٿئي، هن چيو ته آبادگارن لاءِ ڀاڻ جو مسئلو آهي ته آبادگارن کي گهرجي ته بايو بوسٽر استعمال ڪيو وڃي ته جيئڻ مهانگي زرعي دوائون، ڀاڻ توڙي ٻين خرچڻ کي منهن ڏئي سگهجي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايگري ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي زاهد مختار چيو ته فوڊ سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻ لاءِ زراعت جي کاتي سان رابطي ۾ آهيون، گڏيل ڪم ڪرڻ سان زراعت، صحت ۽ ان جي تندرستي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۾ موسمي تبديلي کي منهن ڏيڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، هن چيو ته موسمي تبديلي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، زرعي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ سان زراعت ۽ صحت توڙي ٻين شين کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿئي، ان موقعي تي ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن منير احمد جماڻي چيو آهي ته ھائبرڊ ٻج ديسي ٻج کان گهٽ پيدوار رکي رهيو آهي، هن چيو ته آبادگار اگر ھائبرڊ ٻجن کي استعمال نه ڪري ته سنڌ جي زراعت پيدوار جي لحاظ کان اڳتي اچي سگهي ٿئي، ان موقعي تي آبادگار بورڊ جي اڳواڻ سيد نديم شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو زرعي کاتو هيمشه هارين ۽ آبادگارن کي قرباني جو ٻڪر ٺاهيندو آهي، هن چيو ته زرعي ڀاڻ جا اگهه وڌيڪ هجڻ ڪري آبادگار پنهنجي خرچ جو اگهه به پنهنجي زمين مان نه ٿو ڪڍي سگهي، هن چيو ته آبادگار پنهنجي ديسي ٻج کي پوکي ۽ زمين تي زرعي دوائون خرچ ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي پيدوار تي ڌيان ڏئي، هن زراعت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته زرعي کاتو رڳو پروگرام ۾ پورو آهي، آبادگارن کي هاري پيڪيج ڏيو، هارين کي سکيا پروگرام ڏنا وڃن، مٿي کان هيٺ تائين ڪرپشن آهي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيا محبوب علي سيال چيو ته نيا ڊپارٽمينٽ جي تيار ٿيل جنسن ۾ وڏي پيدوار آهي، هن چيو ته دنيا ۾ موسمي تبديلي جي لحاظ سان پاڪستان پهرين نمبر تي آهي، هن چيو ته نيا ڊپارٽمينٽ ڪيتريون ئي نيون جنسون متعارف ڪريون آهي، هن چيو ته اسان جي ڪمند جي جنسون 11 شگر مل ۾ سندس ڪمند وڃي ٿو جنهن سان هارين کي فائدو حاصل ٿئي رهيو آهي،ان موقعي تي نواز نظاماڻي، نظر گل، نظام دين ڏيپر، طارق خانزادو سميت ٻيا موجود هئا.