ملتان (م ڊ) پاڪستان ڪسان اتحاد جي مرڪزي صدر خالد محمود کوکر جو چوڻ آهي ته زراعت حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ئي ناهي، حڪومت هارين جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي معيشيت جو دارومدار زراعت تي آهي افسوس آهي جو ان طرف ڌيان ئي نه پيو ڏنو وڃي. زراعت بهتر ٿيندي ته معيشت بهتر ٿيندي. زراعت دشمن پاليسين جي ڪري گروٿ 0.56 آهي. خالد محمود کوکر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن ڀيري ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 29 لک ٽن ڪمي آئي آهي، 34 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار گهٽجي وئي، اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي بس زراعت حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي.