مٽياري(رپورٽر) کيبر قومي شاهراهه تي حادثي جي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ خراب ايمبولينس ڏني وئي جنهن کي مريضن جي وارثن پاران ڌڪا ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نه اسٽارٽ ٿي سگهي. ٻي ايمبولنس نه ملڻ سبب مريضن کي سوزوڪين ۾ وجهي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.