حيدرآباد: مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار اسد چنا جو تعلق سٽي ٿاڻي سان آهي جنهن کي مقابلي دوران ڄنگه ۾ گولي لڳي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي اهلڪار موجب ته وائرليس تي اطلاع هليو ته باءِ پاس وٽ هائوسنگ اسڪيم ۾ ڏوهارين سان پوليس جو مقابلو جاري آهي ان لاءِ نفري پهچي اهڙي اطلاع تي هو به ٿاڻي جي پوليس موبائل ۾ سوار ٿي واقعي واري هنڌ پهتا جتي کيس ڦورن جي فائرنگ ۾ گولي ڳولي اهلڪار ڪجه دير سول اسپتال ۾ زير علاج هو جنهن بعد ايمبولينس ذريعي ٻي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو چئي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو