غزه (م ڊ) يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪندڙ غزا جي ڊاڪٽرن جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي، جذبي  ۽ همت سان انقلابي گيت ڳائي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ زخمي ٿيلن جو علاج ڪري رهيا آهن،  غزا جي العودا اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ڏکين حالتن ۾ حوصلو بلند رکڻ لاءِ گيت ڳائڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته  زخمين سان ڀريل غزا جون اسپتالون ڇڏي نه ويندا.