ملير (رپورٽ: ناز شر) ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايتن تي اسٽيل ٽائون ۾ لڳندڙ هفته بازار خلاف ڪريڪ ڊائون، پوليس ۽ روينيو عملدارن بچت بازار بند ڪرائي لڳل ٽينٽ، ٽيبلون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ورتو، هڪ هفتو اڳ گلشن حديد جي بچت بازار ۾ جهيڙي دوران نوجوان جي قتل بعد ڊپٽي ڪمشنر ملير گلشن حديد ۾ لڳندڙ بچت بازارن جي اين او سي رد ڪري ڇڏي هئي، خبر موجب: ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم انيس عباسي ۽ مختيارڪار بن قاسم سهيل ميمڻ علائقي جي اڳواڻي ۾ علائقي جي پوليس سان گڏ اسٽيل ٽائون ۾ لڳندڙ غيرقانوني بچت بازار بند ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪندي بچت بازار ۾ لڳل ٽينٽ، ٽيبلون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ڪندي بچت بازار بند ڪرائي ڇڏي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار بن قاسم ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون ۾ لڳندڙ بچت بازار جي اين او سي رد ٿيڻ باوجود اسٽيل مل جي سيڪيورٽي انچارج پاران بچت بازار لڳرائي هئي جنهن تي ڊي سي ملير سليم الله اوڍو نوٽيس وٺندي بچت بازار کي بند ڪرائي ڇڏي. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ گلشن حديد ۾ لڳندڙ بچت بازار ۾ ڇُرا لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان زاهد ميراڻي قتل ٿيو هو جنهن بعد گلشن حديد ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران گلشن حديد ۾ لڳندڙ بچت بازارن جي اين او سي رد ڪري ڇڏي هئي جنهن بعد اسٽيل ٽائون ۾ بچت بازار لڳائي پئي وئي.