قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي گهر واري زاهده شيخ جي 6 هين ورسي جي سلسلي ۾ سندس مزار تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان گلن جون چادرون چاڙھي قومي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪندي سرخ سلام ڪيو ويو.ان موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ماهه نور ملاح، شرف النساءِ، ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو، اعتزاز گانئچو، محبوب راهوجو، علي محمد وڪو  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته زاهده شيخ عورتن جي حقن ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف نه رڳو آواز اٿاريو پر جدوجهد ڪئي عورتن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.هنن چيو ته زاهده شيخ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ لکڻ، ڪالاباغ ڊيم سميت عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين توڙي سنڌ جي وسيلن تي قبضن خلاف جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، هن ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا، ڪالم لکيا، هن خاص ڪري عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ شهرن ڳوٺن واهڻ ۽ وستين ۾ هر گهر وڃي جاڳرتا هلائي.اسين کيس ورسي جي حوالي سان سرخ سلام ڪندي سنڌ جي حقن لاء شروع ڪيل جدوجهد ۾ سندس نقش قدم تي هلڻ جو وچن ڪريون ٿا.