ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي مداحن کي اِها ته خبر هوندي ته سندس ڪامياب ڪيريئر جي پٺيان گوري خان جي مدد نه هئڻ برابر هئي، پر ڇا اوهان اهو ڄاڻو ٿا ته گوري خان شاهه رخ جي ڪاميابي جي بدران سندس فلمون فلاپ ٿيڻ جي دعا پڻ ڪندي هئي ؟ ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گوري خان جو هڪ پراڻو انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي گوري جو چوڻ آهي ته “مان شاهه رخ لاءِ باليووڊ ۾ ڪاميابي جي دعا ناهي ڪئي، ان جي ابتڙ مان سندس فلمون فلاپ ٿيڻ جي دعا ڪندي هيس، ڇو ته شروع ۾ مون کي شاهه رخ جي فلمن يا سندس ڪيريئر سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي.” گوري وڌيڪ چئي ٿي ته “مون کي شاهه رخ جي فلمن ۾ ڪم جي خواهش پسند نه هئي، جتي سڄو ڪٽنب شاهه رخ جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشون اظهار ڪندو هو، اتي مان سندس جي ناڪاميءَ لاءِ دعائون گهرندي هيس.” پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته گوري کي شادي کان پوءِ ممبئي ۾ سيٽل ٿيڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو هو، جنهن کي ڏسي شاهه رخ گوري سان وعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن هو اداڪاري ۾ ڪامياب نه ٿيو ته دهلي واپس موٽي ويندو. گوري خان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته “مان چاهيندي هيس ته شاهه رخ جون سڀئي فلمون فلاپ ٿي وڃن ۽ دهلي واپس موٽي وڃون، مون کي ان ڳالهه جي به پرواهه نه هئي ته سندس فلمون “ديوانا” يا  “بازيگر” سپر هٽ ٿي چڪيون آهن ۽ نه ئي مون سندس اهي فلمون ڏٺيون هيون.” هن وڌيڪ چيو ته “مون کي شاهه رخ جي فلمن کي سمجهڻ ۽ اهو ڄاڻڻ ۾ ته سندس فلمون ڪيئن پرفارم ڪنديون آهن 9 سال لڳا، جنهن ۾ دوستن منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي.”