اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گهرواري کي حق مهر نه ڏيڻ تي مڙس مٿان هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو، عدالت مهيني اندر حق مهر ادا نه ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن اوهان کي پاڪستان جو قانون پسند ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسلام جو ئي احترام ڪريو.