سيئول (انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ شخص پنهنجي طلاق تي ڪاوڙ ۾ هلندڙ ٽرين تي تيل هاري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب، وان نالي هڪ 67 سالن جي شخص پنهنجي طلاق تي پنهنجو غصو هلندڙ ٽرين تي ڪڍيو، جنهن ڪري ٽرين ۾ سوار مسافرن کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته باهه لڳڻ جو سڄو واقعو ٽرين ۾ لڳل ڪئميرا ذريعي رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرين ۾ مسافر هئا جيڪي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيا هئا، پر اوچتو هڪ شخص ٽرين جي فرش تي مٽي جو تيل اسپري ڪرڻ شروع ڪيو. جيئن ئي وان نالي هڪ شخص مٽيءَ جو تيل ڇنڊيو ته مسافر پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي ويا، جنهن کان پوءِ ان شخص ٽرين کي باهه ڏئي ڇڏي، ۽ سڄو منظر ڪئميرا ۾ قيد ٿي ويو. پوليس ان شخص کي گرفتار ڪيو، جنهن پڇا ڳاڇا دوران پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو، ۽ چيو ته هو پنهنجي تازي طلاق جي ڪيس جي نتيجي تي پريشان هو ۽ پيٽرول هفتا اڳ خريد ڪيو هو. پوليس موجب، حادثي ۾ ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ انهن کي طبي امداد ڏني وئي.