نوشهروفيروز (رپورٽر) زال مڙس جو گهرو جھيڙو ميڊيا تائين پھچي ويو، زال جي ظلمن خلاف پھريان مڙس صحافين وٽ پهچي ويو، صحافين آڏو روئيندي مصري ڀرٽ چيو ته زال جي ظلمن کان بيزار ٿي پيو آھيان، زال مونتي روز سخت تشدد ڪري ٿي، زال منهنجو موبائيل نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته زال لٺيون ھڻي گهر جا ڪپڙا به مون کان ڌورائيندي آھي، ھن چيو ته زال امينه خانگي ميڊيڪل سينٽر تي ڪم ڪندي آهي ۽ گھر جو ڪم وري مون کان ڪرائي ٿي، ھن چيو ته عورتن جي سڀ ڪو ٻڌي ٿو اسان مردن جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، اسان تي ٿيندڙ ظلم تي ڪير به آواز نٿو اٿاري، هن ٻڌايو ته پوليس به شڪايت باوجود مدد نه ٿي ڪري، ھن چيو ته زال جي تشدد کان بچائي انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي پاسي مڙس پاران ميڊيا تي زال خلاف الزام لڳائڻ بعد نوجوان جي زال امينه به ميڊيا آڏو پھچي وئي ۽ ٻڌايو ته مڙس مصري ڀرٽ شراب پي گھر ايندو آھي ۽ مون تي تشدد ڪندو رھي ٿو، ھن چيو ته مڙس جا الزام ڪوڙا آھن، ھن چيو ته مڙس سرڪاري ملازم ھجڻ باوجود به گھر جو خرچ ناھي ڏيندو، جنھن ڪري خانگي ميڊيڪل سينٽر تي ڪم ڪري پيٽ گذر ڪيان ٿي، ھن چيو ته مڙس جي ظلمن کان بچايو وڃي.