رھڙڪي (ن پ ا) رھڙڪي درٻار جي ياترين واري عمارت جي ڇهين ماڙ تان پاڻيءَ جي ٽئنڪي مان نامعلوم نوجوان جو ٽي ڏينهن اڳ لاش هٿ اچڻ جو انڪشاف. ڏهرڪي پوليس ۽ رهڙڪي مندر  جي شيوا دارين لاش کڻي گڊو بئراج وٽ درياءَ پروان ڪري ڇڏيو. گڊو پوليس ساڳيو لاش درياءَ مان ڪڍرائي اسپتال پهچائي ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي رهڙڪي جي شيوا داري اشوڪ چوٿاڻي  ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ لاش مليو هو. اسان پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس لاش کڻي پنهنجي نگرانيءَ ۾ درياءَ پروان ڪرايو. نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي. ڪيئن موت ٿيو، ڪا ڄاڻ  ناهي. اشوڪ ڪمار چوٿاڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلوچستان جي ڊيره بگٽيءَ مان هڪ هندو نوجوان آديش ڪمار به رهڙڪي پهتل آھي جيڪو چوي ٿو ته منهنجو ڀاءُ گم آھي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.