رڻ گجي ٿو

0
63
رڻ-گجي-ٿو

ڪافي عرصو اڳ جي ڳالھھ آھي تھ اسان ننگر جو شھر گهمي ڪڇ رڻ ھليا هئاسون، ڪڇ جي رڻ ۾ اها  ناسي شام ايئن لٿل هئي، جيئن ڪنهن گلي ۾ گهورڙيو هجي، اسان اتي هڪ جاءِ تي ڏٺوسين تھ ڪجھھ ڇڪڙا بيٺل هئا،ڇڪڙن جي پاسن کان ڪکايون جهوپڙيون هيون، جن مٿان ميريون چادرون سڪي رهيون هيون، ڇڪڙن ۾ مزدور مٽي ڀري رهيا هئا، مزدورن ٻڌايو ھو تھ اها مٽي ڪراچي  ڪارخانن ۾ موڪلي وڃي ٿي، جتي چانھھ جا ڪپ۽ ٻيا برتن ان مان تيار ڪيا وڃن ٿا، اهو غالبن سيپٽمبر جو مهينو هو، جنهن مهيني ۾ ڏينهن جو تڙڪول ٿيندو آھي۽ راتيون ٿڌيون رهنديون آھن، ان مهيني ۾ اڪثر ماڪون پونديون آھن،ماڪ اڌ رات کان وسڻ شروع ٿيندي آھي ۽ ڀنڀرڪي تائين پيئي وسندي آھي.

                 ان شام جڏھن ڪڇ جي رڻ ۾ سج لهڻ وڃي رهيو هو، ليڪن مزدور اڃان ڪم ڪري رهيا هئا، ڪجھھ وقت کان پوءِ جڏھن سج دور اولھھ ۾ غائب ٿيڻ لڳو تھ مزدورڪم کي ڇڏي، سندن جهوپڙن ڏانهن ڏانهن موٽڻ لڳا،ان ناسي شام واهوندي جي هوا جيئن تيز ٿي لڳي ٿي تھ دور رڻ مان عجيب غريب آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيا،مزدور کان پڇيم،اهو آوز ڇاجو آھي، مزدور جنهن جي اکين جي پنبڻين ٻاهران مٽي جا تهھ ڄميل هئا، هٿن ۽ پيرن تي ڪلراٺي مٽي جاذرڙا ۽ لوڻياٺي آلاڻ نظر ٿي آئي، چيائين تھ رڻ پيو گجي.رڻ ڪيئن گجندو آھي؟ مون پڇيو.

چيائين تھ جيئن رڃ واڪا ڪندي آھي ۽ اڀ کنوندو آھي، ايئن ئي رڻ گجندو آھي،
ڪڇ رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آھي، ورهاڱي کان اڳ ڪڇ رڻ آمد رفت جو پيچيده رستو بھ رهيو آھي، ماڻھو بيل گاڏين، اٺن ۽ گهوڙن رستي سفر ڪندا هئا،رڻ جي وچ ۾ ڪجھھ ٻيٽ بھ ايندا هئا اتي مسافر ساهي پٽڻ خاطر ڊاٻو ڪندا هئا،ڪڇ رڻ جي وچ ۾ خاص ڪري تڙو ۽ ٻورڙيون ٻيٽ مشھور آھن،روايتون آھن تھ جڏھن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو هو تھ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ موجود هو ۽ڪاٺياواڙي ڪنوار، جاسل، کي جڏھن سنڌ جي همير سومري ستايو هو تھ هن پنهنجي ڌرمي ڀاءَ نوگهڻ راءِ کي، جو جهوناڳڙھھ جو راجا هو سنڌ تي چڙھائي لاءِ ھيئن لکيو هو.

سورٺ سٿر تالو پيو، ورتڻ آيا وير

سنڌ ۾ روڪي سومري،ھلڻ ڏي نھ همير

راءِ نوگهڻ جڏھن سنڌ تي چڙھائي ڪئي هئي تھ ان وقت بھ ڪڇ جو رڻ سمنڊ ھو،ڇهين عيسوي صدي ۾ يوناني سياح پيپلس جڏھن اتان لنگهيو هو تھ ان وقت بھ ڪڇ رڻ سمنڊ ھو،ان جو بندر پاري ننگر هو، جتي اڄ بھ لوھه جا ٽڪر۽ ٻيا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

 الٿي پڄاڻان رڻ مان  موٽندي مون سوچيو تھ رڻ ڪيئن گجندو آھي؟سڃ ڪيئن سڏيندي آھي؟ رڃ واڪا ڪيئن ڪندي آھي؟اتر اوتون ڪيئن ڪندو آھي؟درياءَ دڙ ڪيئن لائيندو آھي؟ سمنڊ اوتون جوتون ڪيئن ڪندو آھي؟۽ اڀ ڇو کنوندو آھي؟ عرصي دراز کان اهي سوال منهنجي ذھن ۾ واسو ڪندا رهيا آھن، هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ مون کي رڻ گجڻ، درياءَ جي دڙ، سمنڊ جا پاسا ورائڻ،اتر جون اوتون سمجھھ ۾ اچڻ لڳيون، حقيقت ۾ ڪنهن بھ صورتحال کي ان حساب سان ڪوئي ماڻھو تڏھن ئي سمجهي سگهي ٿو، جڏھن ان صورتحال جو مشاهدو ماڻي ٿو، اسان جي سامهون سگهڙن وٽ  ۽ سماج ۾ ڪجھھ لوڪ ڏاهپ جا قصا، اهڃاڻ، انديشا۽ اڳڪٿيون موجود آھن، جيئن عبدالرحيم گرهوڙي، ماموئي فقيرن جون پيشنگويون موجود آھن، ماموئي فقير جيڪي ست درويش سمن جي دور ۾ مڪلي جا رهاڪو ٻڌايا وڃن ٿا ۽ جن  جي پيشنگوئين جا ويھھ بيت ڪجھھ ڪتابن ۾ ملن ٿا، جڏھن تھ ڪجھھ محققن جو خيال آھي تھ ماموئي فقيرن جي پيشنگوئين جا ست بيت آھن. ماموئي فقيرن جون پيشنگويون وقت گذرڻ سان صحيح ثابت ٿينديون رهيون.

هاڪ وهندو هاڪڙو ، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ

بھه مڇي ۽ لوڙھھ ،سمي ويندئي سوکڙي

سورهين صدي جي شروع ۾ فرينچ پامسٽ ناسٽراڊامس اڳ ڪٿين تي( centuries) “صديون”  نالي سان هڪ ڪتاب لکيو،جنهن ۾ ھن ايندڙ وقت ۾ دنيا ۾  رونما ٿيندڙ جنگين، زلزلن، قدرتي آفتن ۽ وارداتن تي لکيوهو. هن جون لکيل اهي سڀ پيشنگويون هيون جيڪي مختلف دورن ۾ ٿينديون رهيون. ساري يورپ ۾ ناسٽراڊامس جي اڳ ڪٿين کي مڃيو ويندو هو. ارڙهين صدي جي آخر ڌاري فرانس جي شھر نانتي (Nantes)۾ ٿيل قتلام ۽ تباهي کي ناسٽراڊامس جي اڳ ڪٿي  مڃيو ويو.

لوڪ ڏاهپ جا ڏس، اهڃاڻ، اڳڪٿيون پنهنجي جاءِ تي پر سائنس جي دريافت وقت کان اڳ گهڻو ڪجھھ ٻڌائي ڇڏي ٿي، ماحولياتي تبديلين کان ويندي تباهين تائين جو ڪجھھ دنيا ۾ ٿيڻو آھي  يا ٿي چڪو هجي ٿو.دنيا جا سڌريل ملڪ انھن قدرتي آفتن کان اڳواٽ جا اپاءَ وٺڻ سان گڏ ٿيندڙ تباهين کان پوءِ نئين سر ملڪ جي تعمير ڪندا آھن  ۽ متاثر ماڻھن کي پيرن تي بيهڻ جهڙو ڪندا آھن. افسوس اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿئي ٿو، اسان وٽ ھيلوڪين برساتن کان پوءِ آيل ٻوڏ سبب، جا صوتحال جڙي آھي ۽ متاثر ماڻھو بي يارو مددگار رهيا پيا آھن، اهڙي صورتحال ۾ ساري سنڌ فرياد  بڻجي چڪي آھي. هن حالت ۾ اقتداري طبقو متاثر ماڻھن جي خاطر خواهھ مدد نھ ڪري، سندن جذبن کي ڇيڙي رهيو آھي، جنهن ڪري ووٽرن جي مٿن ڪاوڙ ڏسڻ وٽان آھي۽ اها ئي ڪاوڙ اڳيان هلي سندن اقتدار جا ٿنڀا ٿوڻيون پاڙان پٽي سگهي ٿي.