ڪلوئي (ن پ ا) رڻ شاخ ۾ پاڻي نه آيو، آبادگارن جي ٻئي ڏينهن به بک هڙتال خبر موجب ڪلوئي ڀرسان ڏيپلو مائنر ۽ رڻ شاخ جي آبادگار پاران ٿرڪول مين روڊ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن پاران بلوچ آباد وٽ قائم ڪيل الڳ الڳ احتجاجي ڪيمپن تي ڪالهه ٻئي ڏهاڙي به آبادگارن علامتي بک هڙتال جاري رکي، ان موقعي تي رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن ٽيل ايسوسيئيشن اڳواڻن محمد عثمان ھالو، نواز خان چوڌري، مشتاق علي، رزاق درس، مولوي محمد رمضان لنڊ، بابو جان لنڊ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته هن وقت ٿرپارڪر جي واحد اڪيلي رڻ شاخ ۽ ان مان نڪرندڙ ڏيپلو مائينر جي پوڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پھچي، جنھن ڪري ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ، توريي ۽ برسينگ جي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري ھزارين ايڪڙن تي تيار ٿيل ٻنيون بنجر ٿي رهيون آهن، آبادگارن چيو ته پاڻي نه پهتو ته سومر واري ڏينهن ونگو موڙ تي ھزارين ماڻھو احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪندا ۽ پوءِ ميرپورخاص ۾ ڊائريڪٽر آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.