ڪلوئي(رپورٽر) رڻ شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، فصل متاثر، آبادگارن جو مظاهرو، بک هڙتالي ڪئمپ قائم خبر موجب ٿرپارڪر جي بئراجي زمينن کي آباد ڪندڙ رڻ شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ونگو موڙ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن زميندار الهنواز، محمد عثمان هالو، محمد رمضان لنڊ، بابو جان لنڊ، چوڌري مشتاق ۽ ٻين چيو ته چيٽ جي پوکائي جي سيزن شروع ٿيڻ شرط آبپاشي عملدارن هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي، جنهن جي ڪري چيٽ جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي، هنن چيو ته پاڻي نه مليو ته ڪلوئي تعلقي جي ھزارين ايڪڙ زمينن بنجر بڻجي ويندي، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو معاشي نقصان رسندو، جنهن ڪري هتان جي آبادگارن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، پاڻي کوٽ جو فوري طور تي نوٽيس وٺي اسان کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، هنن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف اڻ اعلانيل مدي تائين بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جيستائين اسان کي پوري حصي جو پاڻي نه ملندو، تيستائين ڪئمپ قائم رهندي.