نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيار علي نهڙيو) ڪلوئي تعلقي جي 40: کان وڌيڪ ڳوٺن جي 50 هزار ايڪڙکان وڌيڪ رزعي زمين آباد ڪندڙ ۽ مٺي، اسلام ڪوٽ سميت ننگر پارڪر کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سبب ڀيٽارو، ٽاٽ فارم، ڪمهالو، بچل ڀوت، جمعون خاصخيلي، ڪوٽ ارباب مير محمد، رحمان آباد، ڄاڳڻ لنڊ، اڀايو چانڊيو، مصري ٻٻر، محمد صديق دل، ڏوڏارو فارم، حاجي سومار نهڙيو، ڪاٺ ماڙي، ارباب احسان فارم سميت ڪلوئي تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پئيڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي، سب ڊويزن نئون ڪوٽ مان نڪرندڙ رڻ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن ٻاويهه ميل موري تي ٻئي ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ جاري رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ ارباب انور، بابو لنڊ، الهه نواز نهڙيو،ربنواز نهڙي ٻين ٻڌايو ته شاخن تي 21 ڏينهن جي وارا بندي کانپوءِ به گيج پورو نٿو ملي جنهن سبب پوکيل فصل تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي، آبپاشي انجنيئر مٺڙائو ۽ سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي آفيسرن جي نااهلي سبب اسان آبادگارن کي رت جا ڳوڙها روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ هو ته اگر پاڻي نٿا ڏيو ته پڙي لڳايو جيئن اسان پنهنجا ٻچا وڪڻي قرض ادا ڪيون، احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته تعلقي 40 کان وڌيڪ ڳوٺن جي 50 هزار ايڪڙکان وڌيڪ رزعي زمين آباد ۽ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر کي پئيڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ رڻ شاخ ۾ واري اڏامي رهي آهي، نارا ڪئنال ۾ 10500 ڪيوسڪ پاڻي جي ڇوڙ جي باوجود انجنيئر پاڻي جي انتظام کي بهتر بنائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، پوڇڙي جي آبادگارن پاران انجنيئر مٺڙائو ۽ سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي ايس ڊي کي هٽائڻ ۽ پاڻي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.