نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي شهر ڪوئمبتور ۾ هڪ ڪمپني پنهنجي 140 ملازمن کي ڪمپني سان وفاداري تي 14.5 ڪروڙ ڀارتي رپين جي بونس سان نوازيو آهي، جيڪي 46 ڪروڙ 7 لک پاڪستاني رپيا بڻجن ٿا، Kovai.co نالي ڪمپني پنهنجي ملازمن جي حوصلا افزائي ڪندي آهي، جيڪو ڪمپني سان گڏ ڊگهي عرصي تائين آهي ۽ انهن کي انهن جي ڪارڪردگي بدران وفاداري جي بنياد تي بونس ڏيندي آهي، بونس ڪمپني جي “ٽوگيدر وي گرو” انيشيٽو جو هڪ حصو آهي، جنهن جو مقصد ٻين ساڳئي قسم جي ڪمپنين کان پاڻ کي نرالو ڪرڻ آهي، ڪمپني جي باني ۽ سي اي او سراوان ڪمار وضاحت ڪئي ته اهو قدم انهن ملازمن لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، جيڪي 2022 کان اڳ يا ان دوران شامل ٿيا ۽ اڳين ٽن سالن تائين ڪمپني سان گڏ رهيا، 48 سالن جي باني چيو ته Kovai.co شڪر گذاري، فخر ۽ ڪاميابي جي اظهار طور ملازمن کي وڏو بونس ۽ پگهارون ڏنيون، ان قدم جو مقصد ٻين ساڳئي قسم جي ڪمپنين کان پاڻ کي نرالو ڪرڻ آهي.