رڳو ماءُ جي ڳالهه ٿيندي آهي، پيءُ جون قربانيون ڪير ناهي ڏسندو: ناديه افگن

0
137
رڳو ماءُ جي ڳالهه ٿيندي آهي، پيءُ جون قربانيون ڪير ناهي ڏسندو: ناديه افگن
رڳو ماءُ جي ڳالهه ٿيندي آهي، پيءُ جون قربانيون ڪير ناهي ڏسندو: ناديه افگن

ڪراچي (شوبز نيوز) مقبول اداڪارا ناديه افگن چيو آهي ته معاشري ۾ هر ڪو ماءُ جي قربانين جي ڳالهه ڪندو آهي، ان جون تعريفون ڪندو آهي پر پيءَ جي ڳالهه ناهي ڪئي ويندي

معاشري طور مرد جي قربانين کي ناهي ڏٺو ويندو. ناديه افگن جي پراڻي وڊيو جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ مردن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انهن جي قربانين کي نه ساراهڻ تي ڳالهائي رهي آهي

ناديه افگن موجب زال ۽ ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون مرد ڏيندو آهي، مرد سڄو سڄو ڏينهن سخت محنت ڪري پئسا ڪمائيندو آهي ۽ رات جو اچي سڀ ڪجهه زال ۽ ٻارن کي ڏيندو آهي، اهو پنهنجو خيال به ناهي ڪندو. هن چيو اها حقيقت آ ته ڪجهه مرد غلط به هوندا پر گهڻي ڀاڱي مرد پنهنجي خاندان، زال ۽ ٻارن لاءِ قربانيون ڏيندا آهن، مردن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي هوندو ته انهن کي به ضرورت آهي

ڇو ته انهن کي ننڍپڻ کان ئي اها تربيت ڏنل هوندي آهي ته ٻين لاءِ ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مردن کي ننڍپڻ کان ئي مضبوط رهڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي، کين سيکاريو ويندو آهي ته کي روئڻو ناهي، مضبوط رهڻو آهي ۽ ٻين جو خيال رکڻو آهي پر مرد ڇو نٿو روئي سگهي؟ پريشان ڇو نٿو ٿي سگهي؟ ٻين جو خيال رکڻ آسان ڪم ناهي ۽ مرد ائين ڪندا آهن پر انهن جي قربانين کي ناهي ڏٺو ويندو، انهن جي تعريف ناهي ڪئي ويندي