نئين دهلي(م ڊ) هندستان جي پرڏيهي وزير سبرامينم جي شنڪر پاڪستان ۾ شيڊول شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت دوران ٻه طرفن ڳالهين جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. خابرو ايجنسي جي رپورٽ موجب هندستان جي پرڏيهي وزير نئين دهلي ۾ هڪ تقريب ۾ پاڪ هنڌ لاڳاپن بابت سوال تي چيو ته مون کي پڪ آهي ته ميڊيا جي ڀرپور توجهه هوندي ڇاڪاڻ جو لاڳاپن جي نوعيت اهڙي آهي پر آئون اهو چوان ٿو ته اهو اجلاس وڏو هوندو. آئون اتي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لاڳاپن تي ڳالهيون ڪرڻ ناهيان وڃي رهيو. جي شنڪر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون اتي ايس سي او جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان وڃي رهيو آهيان، پر آئون هڪ سنجيده ۽ مهذب شهري آهيان ته اهڙي طرح جو ئي رويو اختيار ڪندس.