بيجنگ(م ڊ) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو جوابي ٽيرف جي پاليسي کي مڪمل طور تي ختم ڪري. چيني واپار واري وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته اسان آمريڪا کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو پنهنجي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ۽ جوابي ٽيرف جهڙن غلط قدمن کي مڪمل طور ختم ڪري ۽ گڏيل احترام جي رستي تي واپس اچي. هن چيو ته آمريڪا طرفان اليڪٽرانڪ شين کي ٽيرف کان ڇوٽ ڏيڻ هڪ ننڍو قدم آهي ۽ چين ان فيصلي جي اثرن جو جائزو وٺي رهيو آهي