رڙهندڙ ڪڪر … (الطاف شيخ جي ڪتاب جپان رس تان ورتل)

0
43
رڙهندڙ ڪڪر ... (الطاف شيخ جي ڪتاب جپان رس تان ورتل)

 پڪنڪ ملھائڻ ۽ بھار جي موسم جي گلڪاري ڏسڻ لاءِ سڀ صبح کان تيارين ۾ رڌل ھئا،  اوسيئي جي ڳهه ڳٺي ۽ ڪپڙن جي بيھڪ جي پريشانيءَ سندس ماءُ عوماسا کي به ڇتو ڪري رکيو هو، وارن ٺاھڻ واريءَ کي اچڻو هو سان به اڃا نه پھتي هئي. بھرحال انھن مڙني ڳالهين جي چڙ عوماسا سڀني نوڪرياڻين مان پئي ڪڍي، جن مان ڪن ڪنھن کي چانهه پئي پياري ته ڪنھن کي پاڻي. اڃا اھو مونجھارو برقرار هو ته پاڙي جي ھڪ اھڙي مائي جيڪا اچڻ کان پوءِ وڃڻ جو نالو نه وٺندي ھئي، اچي نڪتي. گھر جي ڀاتين مان ھرھڪ، ڪوشش آھر، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته: “اسان بس هينئر هينئر دانگو ساڪا وڃڻ وارا ھئاسين.” پر ان جملي جو، ٺڳ حڪيم جي دوائن جيان ان مائيِءَ تي ڪو به اثر نه پئي ٿيو. مھمان عورت ڏاڍي سڪون سان پلٿي ماري، ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويھي رھي ۽ ويتر کڻي هڪ اھڙو قصو کنيائين جيڪو کٽڻ جو ئي نه هو. هاڻ ته ڏاڍي ڳالهه ٿي پر گھر جا ڀاتي ٻاهرين دل سان هن کان چانهه پاڻيءَ جو به پڇندا رھيا، جيئن آيل مھمان جي خدمت ڪبي آھي پر شڪر جو اھا آفت گھڻي اينگهه ڪرڻ بدران، اميد کان اڳ ئي ھلي وئي. جيئن ئي هيءَ آيل مھمان رواني ٿي ته مٿان وارن سينگارڻ واري مائي به اچي نڪتي ۽ هڻ وٺ ڪري سڀني جا جلدي جلدي وار ٺاهي ورتا. يارهين وڳي ڌاري سڀ ڪپڙا گنديون پھري تيار ٿي ويا، گوڙ گھمسان بدران ھاڻ سک جو واءُ گھُليو هو، جي ڪو آواز آيو به ٿي ته دانھن بدران کلڪي ۽ ٽھڪن جو.

بونظو، ويچاري بدنصيب انسان کي، گھمڻ يا بھار جي موسم جا گل ڏسڻ لاءِ ڪو به شوق نه ھو. هن وقت اوسيئيءَ جو نئون عاشق ھونڊا نوبورو، جيڪڏھن هڪ کڙيل گلاب جي گل جيان لڳي رھيو هو ته ھي بونظو ٿوھر جي سڪل ٽاري ٿي لڳو. ھن دل ۾ ئي فيصلو ڪيو ته جيڪڏھن ھنن جي وڃڻ جو پروگرام نه ٺھي ته سٺو پر جي ويا ته به ھي پاڻ ھنن سان وڃي ذليل ٿيڻ نه چاهيندو. ھن چاهيو ٿي ته حالتن موجب ڀلي جيڪو ٿيڻو ھجي سو ٿئي. پاڻ هيرو کڻي نه، شهيدن جيان ماٺ ۾ رھي سگهيو ٿي. ھڪ ڏينھن اڳ جڏھن نوبورو ساڻن هلڻ لاءِ کيس دعوت ڏني ھئي ته ھن ان ئي وقت سوچيو هو ته ٿڏي تي انڪار ڪندو ۽ پوءِ ان مھل کان هو پنھنجو منھن وٺي ماٺ ۾ ويٺو رهيو. گھمڻ لاءِ وڃڻ تي ڪو خوش ھجي يا نه هن لاءِ اھا اھڙي معمولي ڳالهه ھئي ڄڻ ڪنھن ٻئي جي آنڊي جو سور پر ھو اندروني طرح سڪون ۾ نه هو. ٻين کي خوش ٿيندو ڏسي سي هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي رھي ھئي. ماضيءَ جا خوبصورت ڏينھن ياد ڪري هن ٿڌو ساهه ٿي کنيو. مئي مهيني جي اداس ۽ گھميل آسمان وانگر ھن جا جذبا ھئا. سندس اندر ‏۾ ڪنھن درد جي پيڙا هئي ۽ اھا پيڙا ڇو نه هجي. ڪالهه کانئس سندس چاچيءَ جي ڌيءُ (جيڪا ڪجهه ڏينھن اڳ تائين کيس دل و جان سان چاهيندي به هئي) اوسيئيءَ هن کان پڪنڪ تي هلڻ لاءِ جڏھن پڇيو ته هن هلڻ کان کڻي انڪار ڪيو. ان تي هوءَ تمام ٿڌي نموني سان “سچ ٿو چوين.” چئي هلي وڻي. ۽ اھو ڇا هن لاءِ گھٽ عذاب هو! بونظو اھوئي محسوس ڪيو ته جيڪڏھن هوءَ چاھي ھا ته هي به ھلي ته ھوءَ هن کي اتي ضرور منٿون ميڙيون ڪري ھا ۽ اڃا به جي هو ضد ڪري ها ته اوسيئي ڪجھه هيئن چوي ها: “ چڱو جيڪڏھن تون نٿو ھلين ته پوءِ مون کي به هلڻ لاءِ ڪو لاچار ڪونھي پيو. آئون به ھتي تو وٽ ئي ترسي ٿي پوان پر مون کي ساڙ نه ڪرڻ گھرجي.” بونظو پنھنجي طبيعت کي ٺاھڻ لاءِ پاڻ وندرايو پر تڏھن به ڪجهه هو جنھن جو سنھو سنھو چھڪو هو دل اندر محسوس ڪري رهيو هو.

ھن وڃڻ به نٿي چاهيو ۽ ساڳي وقت گھر ۾ رھڻ به نٿي چاهيو. اھو ھڪ اھڙو مونجھارو هو جو هن کي چيڙائي رهيو هو، ھن کي اجائي ڪاوڙ لڳي رهي هئي، جيتوڻيڪ ڪنھن خاص ھڪ ماڻهوءَ تي به نه، ھڪ هنڌ سک سان ويھڻ به نٿي پڳس. رکي رکي ايئن پاسا ورائڻ لڳو ڄڻ ڪا ضروري ڳالهه ياد اچي وئي ھجيس. نيٺ بونظو اھو سوچيو ته دل کي ان خيال کان ھٽائڻ لاءِ ڪجهه ويھي پڙھجي. سو ٽيبل تي رکيل ڪتابن مان جيڪو مٿان رکيل مليس، کڻي پڙھڻ لڳو. هن پنھنجي ڌيان کي ڪتاب ۾ گھڻو ئي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ذھن هر ڀيري ڪتاب تان پري هليو ٿي ويس.‏ ڪتاب ڪو ايڏو ورچائيندڙ نه هو پر پهرين ئي باب جون شروع واريون سٽون هن ڪيترا ڀيرا وري وري پڙهيون، پوءِ به ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس. اوسيئي، پري ورانڊي ۾ بيھي جيڪي ٽھڪ ڏئي رهي هئي، اھي کيس صاف ‏۽ چٽا ٻڌڻ ۾ پي آيا ۽ ھڪ ڀيرو اوسيئي جو آواز سندس ڪنن ۾ پيو ٿي ته ڪيتري دير لاءِ ڄڻ اھي آواز سندس دماغ مان نڪتا ئي نٿي. نيٺ چڙ ۾ اچي ڪتاب کي کڻي ٽيبل تي اڇلايائين ۽ ڪاوڙ مان هيڏانھن هوڏانھن گھورڻ لڳو. وري مٿي تي ھٿ رکي سوچڻ لڳو “ٿي سگھي ٿو ھنن جي وڃڻ جو پروگرام پاڻ مرادو ڪئنسل ٿي وڃي.” ھن چپن ‏۾ آھستي ڀڻڪيو پر افسوس، بونظو جي رقيب نوبورو جو رستي تي ڪو حادثو به نه ٿيو ۽ پوري ھڪ بجي پھچي ويو ۽ سڄي محفل ۾ جھڙوڪر هيرو پي لڳو. موقعي ۽ مھل مطابق اڄ هو ڪپڙا به اھڙي جپاني نموني جا پائي آيو هو. ناسي ريشم جو ڪمونو، ان مٿان ڪارو ڪوٽ، ھميشه جيان هو اڄ به ٽاپ فئشن جي وڳي ۾ ھو. زور زور سان ڏاڪڻيون چڙھندو سڌو بونظو جي ڪمري ۾ آيو ۽ بنا ڪنھن کيڪار کڙيءَ جي ھن بونظو کي ايئن چتائي ڏٺو ڄڻ آرسيءَ ۾ پنھنجو نڪ ڏسي رهيو ھجي ۽ پوءِ نيٺ ڪڇيو: “ ڇا ڳالهه آھي بونظو؟ تون ايئن پيو لڳين ڄڻ ٻڏي بچيو ھجين”، “بس ٿورو مٿي ۾ سور اٿم.” “سچي؟ يا ڪٿي چاچي پوڙهيءَ ڪو سور ڏنو اٿئي؟” اھڙي ردي قسم جي ڳالهه ٻولهه، بونظو کي بيزار ڪري رهي هئي. هن پنھنجي بي عزتي محسوس ڪئي پر ڌڪ پچائي ماٺ ۾ رهيو. “ڀلا گھمڻ هلڻ جو ڇا پروگرام آھي؟ پڪ تون ته نه ھلندين.” نوبورو پڇيو. “آئون نٿو سمجھان ته ڪو آئون ھلندس.” بونظو وراڻيو. “ وڏو ڪو ضدي آهين، تون شايد اھو ٿو چاهين ته آئون توکي هلڻ لاءِ منٿون ڪريان، ائين نه؟” ھن کليو ۽ وري چيو: “پر آئون ڪجهه به نٿو ڪري سگھان سواءِ کلڻ جي ۽ نه وري منھنجو ڪو چوڻ توتي اثر ڪندو.” هو ڪتي جي ڀؤنڪ وانگر وري کلڻ لڳو.

هونڊا نوبورو ڪجهه وڌيڪ منٽ بونظو سان اھڙي ڳالهه ٻولهه ‏۾ جنھن کي نه چرچو سڏي سگهجي نه گار، ته ايتري ۾ اوچتو اوسيئي سڏ ڪيو: “ھونڊا سائين!” “ڇا ڳالهه آھي، من.” “رڪشائون اچي ويون آهن، سو جيڪڏھن تون تيار آهين ته…”، “بس ھلو ته ھلون.”، “ته پوءِ جلدي ڪريو.” “اوسيئي؟”، “جي؟” “مون هنن کي چئي ڇڏيو آھي ته اھو بھتر ٿيندو ته پاڻ ٻئي گڏ ھڪ رڪشا ۾ ويھون. هنن اھڙوئي بندوبست ڪيو آھي. توکي دل ۾ ته نه ٿيندو نه؟” جواب ۾ اوسيئيءَ ڪجهه نه وراڻيو. بس اڇت وکن سان هيٺ لهي ويئي. “ھن جي اھا ادا ڪيڏي ته پياري آھي جو جواب ڏيڻ بنا ڊوڙيو پئي وڃي.” نوبورو جا اھي لفظ بونظو تي آخري حملو هئا، جيڪي چوڻ بعد هو به هيٺ لهي ويو. بونظو ھن کي ويندو ڏسندو رهيو ۽ پوءِ زور سان چيو: “گڏهه ڪنھن جاءِ جو.” پر سندس لفظن جي پڙاڏي کان اڳ، سندس ذھن ۾ اوسيئيءَ جو خيال گونجڻ لڳو. ھن کي اھي ڏينھن ياد آيا جڏھن اوسيئي هن سان گڏ پڪنڪ ملھائڻ ۽ بھار ۾ کڙيل گل ڏسڻ لاءِ هلندي هئي. هو پوءِ بنا ڪنھن سبب جي اٿي بيٺو. ڪجهه دير چوڌاري گھورڻ کان پوءِ هن سامھون ٻرندڙ باهه ڏي نھاريو. ڪجهه خيال دماغ ۾ گڏ ڪري وري اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو ۽ وري چڙ مان چوڻ لڳو: “گڏهه ڪنھن جاءِ جو.” هن ڀيري ھن اھا گار پاڻ کي ڏني.

منجھند کان ٿڌي ھير لڳڻ شروع ٿي ۽ موسم سٺي ٿي وئي. ويتر آچر جو ڏينھن موڪل هجڻ ڪري دانگوساڪا ۾ بھاري لڳي پئي ھئي. جتي ڪٿي آيل ماڻھن جي پيهه پيھان ھئي. ڇا ته ماڻھن جو ميڙو متل هو. ڪن عورتن جا وار ولائتي نموني ‏۾ ٺھيل هئا ته ڪن جا شيمادا نموني جا، ڪي وار کولي پئي ھليون ته ڪن ٻه چوٽيون کڻي ٺاهيون هيون. مئڊم “ب” به اچي اتان نڪتي ھئي، جيڪا ڪنھن پڙھيلن جي سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري آهي پر لڳي ڏائڻ يا پوڙھي ٻلي ٿي، ۽ مس “ت” پڻ موجود ھئي، جنھن کي ڄانڀي جي ٻج جيترو ميڄالو ڪو مس آھي سو به پير جي کڌي ۾، ان کان سواءِ اسپتالن جون نرسون نظر اچي رهيون ھيون ته سھڻيون ڇوڪريون پڻ. ڪي نيم ولائتي وڳن ۾ فئشن واريون عورتون گھمي رهيون ھيون ته ڪي عورتون ايئن ٿي لڳيون جو انھن کي ڏسڻ سان پڪ ٿئي ٿي ته اڄ به ماڻهو ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري رھيا آھن. ڇا ته ميڙ ھو. گل وڪڻندڙ ڇوڪرا هوڪا ڏئي رهيا ھئا ته مندرن جا مٿي ڪوڙيل ٻاوا به ڦري رھيا هئا، ته ڊگھن وارن وارا موالي نموني جا پڻ ۽ اھي پڻ ڦري رھيا ھئا جيڪي هاڻ ديوتائن کي به پيارا ھئا ته ماڻھن کي به، منھنجو مطلب آهي جيڪي ماضيءَ ۾ ته ڪجهه به نه هئا پر هاڻ نئين حڪومت ‏۾ سڀني جا صاحب ٿي پيا هئا ۽ پاڻ کي “ڪامورا” ٿي سڏايائون. انھن کان سواءِ واپاري قسم جا ماڻهو ھلي رھيا هئا ته پت وائکي ٿيل سياستدان پڻ جن جو اصول آھي ته ڪنھن جي به اکين ۾ اکيون ملائي نه ڳالھائجي. لڳو ٿي سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آھي، هر قسم جا مھانڊا، ڪپڙن ۽ جسم مطابق ٺھيل وارن جا نمونا، ڪپڙا گنديون ۽ ھر قسم جي عطر جون خوشبوئون، پر مون کي ايتري واندڪتائي ڪانھي جو اھي سڀ ڳالهيون هتي ويھي لکان، ان کان سواءِ رستو ھتي ايڏو سوڙھو آھي جو ماڻھن جي ڌڪ ڌڪان ناتابل يقين آھي. بس سمجھو ته دانگو ساڪا ماڻھن جي عجيب گوڙ گھمسان ۾ ٻڏل هو.

پڙھندڙن لاءِ: مٿين ڳالهه ھڪ رٽائرڊ ھمراهه جي ڏٺل ذاتي ڏيک موجب سمجھجو. ڇو ته مھربان پڙھندڙ بور ٿي سگھن ٿا.

وري اچون پنھنجيءَ ڪھاڻيءَ تي:

ٻه رڪشائون ھڪ ٻئي کان گوءِ کٽينديون دانگو ساڪا پھچي، جھٽڪي سان ھڪ هنڌ اچي بيٺيون. رڪشائن مان اسان جا پراڻا يار: نوبورو (ھونڊا)، اوسيئي ۽ سندن ماءُ لٿا. نوبورو جي ڪپڙن جو ذڪر اڳھين ٿي چڪو آھي. عوماسا کي ڪارو، چيني عورتن جھڙو وڳو پھريل هو ۽ ھيٺان ناسي رنگ جو ڪريپ جي ڪپڙي جو نمونو. سندس ڌيءَ اوسيئيءَ کي ڦڪي هيڊي رنگ جو ڪمونو ۽ ناسي بلو رنگ جي سئش ھئي. مختصر طور هي ته ھوءَ تمام سھڻي نموني سان سينگاريل هئي ۽ سھڻا ڪپڙا پھريل ھيس. ماڻهو نه نقط سندس ڪپڙن کي جانچي رھيا هئا پر سندس سڄي بيھڪ ۽ قد بت کي پڻ ڏسي رھيا هثا. کيس ميڪ اپ تمام ھلڪو ٿيل هو جو ھن جي چوڻ موجب منھن تي گھڻو رنگ روغن هڻڻ سان اھا قدرتي ڳالهه نٿي بيھي. سندس وارن جو نمونو جيتوڻيڪ يورپي هو پر اھڙي طرح جوڙو ٺھرآيو هئائين جو ماڻهو ڀلجي ٿي پيا ته شايد ڪو خاص جپاني نمونو ھجي. ماڻهو ھن جوڙي تي ريس به ڪري رهيا ھئا ته پنھنجي منھن اھو به چئي رھيا ھئا: “شايد زال مڙس آھن.” “ٿي سگھي ٿو اڃا شادي نه ٿي ھجين ۽ مڱيندا ھجن.” “ايئن به ئي سگھي ٿو ته ھڪ ٻئي جا دوست ھجن.” اھي جملا ٻڌي نوبورو به دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو. اوسيئي اڄ تمام خوش نظر اچي رھي هئي. ھن جي هلڻ چلڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ‏۾ اڄ ھڪ عجيب ناز نخرو ھو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪو ننڍڙو پکي پڇري مان ڀڄي نڪتو ھجي. هن کلڻ ٿي شروع ڪيو ته بس ڪرڻ جو نالو نٿي ورتائين. نوبوروءَ ڪا بيھودي ڳالهه ڪئي ٿي ته ان تي به ٻڌا ٽھڪ ڏنائين ٿي. ان ڪري نه ته ڪو ان ڳالهه ‏۾ اھڙو چرچو هو پر بس ايئن ئي. هوءَ ايتري خوشي محسوس ڪري رھي ھئي جنھن جو ڪو حساب نه هو.

عوماسا ماٺ ۾ تحمل سان هلي رھي هئي. بس وڌ ۾ وڌ ڪٿي گل ڏنائين ٿي ته ايترو چيائين ٿي: “ڪيڏا ته سھڻا آھن.” ظاھري طرح ڪنھن کي چتائي ڏسڻ بدران سڀني لنگھندڙن کي ايئن ئي مٿاڇري نظر وجھي رھي ھئي پر دل ئي دل ۾ سندس ڌيءَ اوسيئي جي عمر جي ڪا ڇوڪري لنگھي ٿي ته هن ھُن جي منھن، وارن جي نموني، ڪپڙن، پيرن ۽ ھلڻيءَ کي غور سان ڏٺو ٿي. ان بعد ٽيڏيءَ اک سان پنھنجي ڌيءَ اوسيئيءَ کي ڏسي ساڻن ڀيٽ ڪئي ٿي جيڪا انھن ۾ سمارٽ لڳي رھي هئي.  نوبورو جي هيءَ پارٽي، سڄي شھر جو چڪر هڻي آخر ۾ جبل جي قدمن وٽ ٺھيل گلن جي دڪانن وٽ اچي بيٺي. ھڪ دڪان تي رکيل مٽيءَ جي بوتي ڏي اشارو ڪري نوبورو چيو: “ڪمال هي ھن مسخري جو منھن بونظو سان ڪيترو ته ملي ٿو. ڄڻ ته بونظو اٻاسي ڏئي رهيو آهي.” اوسيئي اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ منھن تي لاڏ سان ڪمونو جي ٻانھن رکي اچي کل ۾ پيئي. وري ان بت ڏي اشارو ڪري اڳيان لوهي ٻنوڙي تي جھڪي، ٽھڪن ۾ اونڌي ٿي يئي. رستي تان لنگھندڙ ڪنھن اسڪول جا شاگرد کيس عجب مان ڏسڻ لڳا. آخرڪار اوسيئي پنھنجي کل کي جھليو ۽ لوھي ٻنوڙي تان ناز سان ڪنڏ مٿي کنيو ‏۽ مرڪندي پر ۾ ڏٺائين ته نوبورو غائب ھو. تعجب مان، ھن پنھنجي چوڌاري نظرون گھمايون ۽ پوءِ کلڻ بند ڪري سنجيده ٿي نوبورو کي ڳولڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن وري نگاھون ڦيرڻ لڳي نه ڏسي ته سامھون مغربي لباس ۾ ھڪ همراهه سان هو ملي رهيو ھو. جنھن جيتوڻيڪ کيس ايتري لفٽ نه پئي ڪرائي پر هي هو سو ھن کي جھڪي جھڪي سلام ڪري رهيو هو. تارئين مڙسالي سان گڏ جيڪي ٻه عورتون ھيون تن ۾ ھڪ وڏي عمر جي هئي ۽ سندس زال ٿي لڳي ۽ ٻي ننڍيءَ عمر جي جوان ڇوڪري سندس ھم عمر، ھن جي ڌيءَ يا سالي ٿي لڳي. ٻئي حد کان وڌيڪ سمارٽ ۽ سھڻيون لڳي رهيون ھيون، نوبورو پهرين ھن جي زال سان جھڪي مليو، ان بعد ڇوڪريءَ سان، جيڪا کيڪار جو جواب ڏيڻ  بعد شرمائي رھي هئي.

اوسيئي لاءِاھو ته ممڪن نه هو جو ايترو پري کان هنن جون ڳالهيون ٻڌي سگھي. بھرحال هو ڳالھائي ته خبر ناھي ڇا رهيا هئا پر نوبورو جي ڳالھائڻ دوران سندس منھن تي مرڪ برقرار ھئي ‏۽ هنن سان ڳالھائي ٺري رهيو هو ۽ پوءِ هن ڪا اھڙي ڳالهه چئي جو مغربي لباس وارو صاحب پنھنجو وات وڏو پٽي، ڪلھن کي جھٽڪا ڏئي کلڻ لڳو. سندس زال جي ڳلن ۾ به کلڻ ڪري گھنج پئجي رھيا هئا ‏۽ ساڻن گڏ سھڻي ڇوڪري به وات تي ھٿ رکي کلي رهي ھئي. نوبورو ان کي وڏي عزت سمجھي خوش ٿي رهيو هو. نوبورو ھنن سان ڳالھائڻ ‏۾ ايڏو ته مست ٿي ويو جو کانئس اهو به وسري ويو ته اوسيئي ۽ عوماسا ھن لاءِ انتظار ڪري رهيون آھن. اوسيئي به ان مغربي لباس واري مرد ۽ سندس زال جي سو پرواهه نٿي کئي پر هن ان ڇوڪريءَ ۾ اکيون کپائي لڳاتار گھورڻ جو شروع ڪيو ته کانئس ساهه کڻڻ به وسري ويو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ سندس اکين جي گھور ھن ڇوڪريءَ جي جسم مان آرپار لنگھي ويندي، ھوءَ ايڏو ته خيالن ‏۾ گم ٿي وئي جو ڀر بيٺل ماءُ جو سڏ به نه ٻڌائين. نيٺ جڏھن اھي مھمان نوبورو کان موڪلائي اڳتي وڌيا تڏھن به نوبورو وائڙن جيان ھيڏانھن هوڏانھن نھاريندو رهيو. کانئس شايد اهو به وسري ويو ته هو ڪنھن سان گڏ آيو هو. “مسٽر نوبورو هونڊاءِ اسين ھتي آهيون.” نوبورو، عوماسا جي رڙ ٻڌي هنن ڏي وڌيو. “معاف ڪجو، مون توهان کي انتظار ڪرآيو.” “هي ڪير مئا؟” “اھو منھنجي آفيس جو صاحب ھو.” ھن مرڪندي وراڻيو. “مون نٿي سمجھيو ته هو اڄ ھتي اچي نڪرندا.” “ڀلا هوءَ عورت سندس زال ھئي؟” “جي، ھا.” “۽ هوءَ ننڍي نيٽي ڇوڪري؟” “او. اھا ڇوڪري؟ اھا…” هو ٻڌائيندي ٻڌائيندي پٺيان مڙيو، ھڪ ڀيرو وري ھنن کي ويندو ڏٺو ۽ پوءِ چيو: “اھا منھنجي انھيءَ صاحب جي سالي آھي. اڳئين ڀيري جڏھن مون هن کي سندس گھر ڏٺو هو ته هوءَ ايتري سھڻي نٿي لڳي. اڄ ته واهه جي لڳي رھي آهي.” “ھا. تون کيس سھڻو چئي سگھين ٿو پر آئون سمجھان ٿي اھا سونھن سندس ڪپڙن جي ڪري آھي.” “ٿي سگھي ٿو اڄ ته واقعي سھڻن ڪپڙن ڪري شهزادي لڳي رھي آهي، نه ته گھر ۾ ايئن کي ميرا ڪپڙا پيا ھوندا اٿس ۽ هو کيس نوڪرياڻي ڪري ھلائيندا آھن.” “ڀلا ڪا پڙھيل ڳڙھيل به آھي يا نه؟” اوسيئيءَ اوچتو پڇيو. نوبورو منجھي پيو. “ان بابت وڌيڪ ڄاڻ ته اٿم پر ھوءَ گھڻو ڪجهه پڙھي سگھي ٿي. ھوءَ ڳوٽ کان اڃا ھاڻ آئي آھي. وڌيڪ اڃا خبر نه اٿم.”

انھن لفظن تي اوسيئيءَ ھڪ دفعو وري نگاھون کڻي ان ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو جيڪا ھاڻ ھڪ گلن جي دڪان ۾ گھڙي وئي. اوسيئي ڪجهه دير سوچ ۾ غرق ٿي وئي پر پوءِ جلدي پنھنجو پاڻ کي اصلي حالت ۾ آندائين. ان بعد رڪشائن ۾ چڙھي “آئينو پارڪ” ڏي وڃي رھيا ھئا ته عوماسا جيڪا ھينئر اوسيئي سان گڏ رڪشا ۾ اچي ويٺي ھئي، چيو: “توکي به هن ڇوڪريءَ جھڙو گھاٽو ميڪ اپ ڪرڻ کپي.” “مون کي اھڙو ميڪ اپ بنهه نٿو وڻي.” “پر ڇو؟؟ ماڻس بڇيس. “ان ڪري جو اھو خراب ٿو لڳي.” اوسيئي وراڻيو. “پر تون ڪا پوڙھي ته نه ٿي وئي اهين. تنھنجي ته هيءَ عمر آھي. اھڙو ميڪ اپ وڌيڪ نمايان ٿو ڪري.”ماڻس (عوماسا) سمجھايس. “امان جيڪڏھن اھڙو ميڪ اپ توکي وڻي ٿو ته تون پاڻ ڪري ھل. ڪمال آھي جو تون ان ڳالهه کي سٺو ٿي چوين جنھن کي آئون ڌڪاريان ٿي.” بھرحال ٻئي ماءُ ڌيءُ سڄي واٽ بحث ڪندي اچي ”آئينو پارڪ” ۾ اچي نڪتيون.