اسان پارن لاءِ تہ رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون.
پر فطرت جي تخليق ڪيل ھر جنس ۾ فرق ھوندو آھي.
ائين ئي اسان لاءِ ”ٻٻر“ بس ھڪڙو ڪنڊيدار وڻ ڇو نہ ھجي پر ان جون بہ ڪيتريون ئي جنسون ۽ ذيلي جنسون ٿينديون آھن.
اسان عام طور تي جنھن ڪنڊيدار وڻ کي ”ٻٻر“ جي نالي سان سڃاڻندا آھيون ان جو سائنسي نالو يا سڃاڻپ Vachellia nilotica (پراڻي سڃاڻپ Acacia nilotica) جي نالي سان ٿيندي آھي.
ان ئي ساڳي جنس يعني Vachellia nilotica جون وري اسان وٽ سنڌ ۾ ئي گهٽ ۾ گهٽ 3 ذيلي جنسون يا Subspecies ٿيندڙ آھن جا نالا ھن ريت آھن.
1- عام ٻٻر جنھن کي ديسي ٻٻر بہ چئون ٿا. ھي دريائي علائقي کان سواءِ ڪوھستان ۽ ريگستان ۾ آھي. ھن جي جنس جو سائنسي نالو Vachellia nilotica subsp. nilotica آھي.
2 – ڪابلي (اتر) يا ڍلياري (لاڙ) ٻٻر. ھن جي جنس تہ ساڳي Vachellia nilotica ئي آھي پر جيئن تہ ھي شڪل شبيھ ۽ بيھڪ بناوت ۾ عام ٻٻر کان مختلف ھوندو آھي انڪري ھن کي الڳ ذيلي جنس طور سائنسي سڃاڻپ بہ مليل آھي يعني Vachellia nilotica subsp. cupressiformis. ھن ڪابلي يا ڍلياري ٻٻرن جي آبادي بہ ھاڻي سنڌ مان گهٽبي پئي وڃي. سرڪاري ادارن کي عرض ڪون ڪنداسي جو اھي پنھنجي ھلائيندڙن جي مرضين جا محتاج ھوندا آھن پر دوستن کي ضرور ھٿ ٻڌي عرض ڪبو تہ پنھنجي ھن ديسي وڻ جو قدر ڪيو ۽ جيترو ممڪن ٿي سگھي پنھنجي ٻني ٻاري، رستن، باغن اوطاقن تي لڳايو جيئن اھو سروقد خوبصورت وڻ اسانجي سنڌ مان ختم نہ ٿي وڃي.
3 – ٻٻر جي بيان ڪيل مٿين ٻن ذيلي جنسن کان علاوہ پنھنجي سنڌ ۾ ٻٻر جي ھڪڙي ٽين ذيلي جنس بہ آھي جيڪا ان لحاظ سان بہ منفرد ۽ ناياب آھي جو اھا ذيلي جنس سنڌ کان علاوہ ٻيو ڪٿي بہ ڪون ٿي ملي. سنڌ ۾ بہ صرف ڪراچي ۾، ڪراچي جي ساحلي علائقي ۾ نباتات جي ماھرن ان جي نشاندھي ڪئي آھي. ان جنس جو سائنسي نالو Vachellia nilotica subsp. hemispherica آھي. ھن جنس جا ٻٻر ننڍڙي قد جا ٿيندا آھن. وڌ ۾ وڌ 12-15 فوٽ ڊگھا. ٿڙ ننڍڙو ، مٿي لامون گولائي ۾ ويڪريون. جن ماھرن ھاڪس بي جي ساحلي پٽي ۾ ھن جنس کي ڳولي ھٿ ڪيو (2010ع) انھن اتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڻ ريڪارڊ ڪيا شايد 60-62 ٻوٽا. ھن ناياب جنس جا ٻوٽا ھاڻي اتي آھن بہ الائجي نہ اھو علم تہ خدا کي پر انھن ماھر ان جنس جو وڏو دشمن ديوي جي وڌندڙ آبادي کي قرار ڏنو آھي. انھن پنھنجي ريسرچ پيپر ۾ ان ئي علائقي ۾ 1987ع ۾ نڪتل ھڪ تصوير بہ ڏني آھي جنھن ۾ صاف ڏسجي پيو تہ ان وقت تائين اتي ديوي جا وڻ ڪون ھئا. صرف 23 سالن کان پوء اھو سمورو علائقو ديوي جو جھنگل بڻجي ويو ۽ جتي ديوي قبضو ڪري اتي ڪو بہ ديسي وڻ ٻوٽو آساني سان زندہ رھي ڪون سگھندو آھي.
دلچسب ڳالھ اھا آھي تہ سنڌ کي اسرائيل ۾ تبديل ڪندڙ منصوبي ”گرين پاڪستان انيشيئيٽو“ ۾ ”پاڪستاني“ ماھرن سنڌ ۾ ڪونوڪارپس ۽ بلوچستان ۾ ديوي جا وڻ وڏي تعداد ۾ پوکڻ جي تجويز رکي ڇڏي آھي.
اسان سُتل آھيون، مرڻ کان پوءِ جاڳنداسي.