راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر رچن رويندرا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي دوران نئين تاريخ لکي ڇڏي. ڪيوي اسٽار سومر جي ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪئي. هو انجري سبب پاڪستان خلاف افتتاحي ميچ نه کيڏي سگهيو هو، پر بنگلاديش خلاف ڊيرل مچل جي جاءِ تي نيوزيلينڊ جي پليئنگ اليون ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي چيمپيئنز ٽرافي ڊيبيو ميچ کي يادگار بڻايو. راچن رويندرا بنگلاديش طرفان ڏنل 237 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ چوٿين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيو ۽ 112 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ٽام ليٿم 76 بالن تي 55 رنسون ٺاهيون، جنهن جي مدد سان نيوزيلينڊ آسانيءَ سان ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. هن شاندار سينچري سان رچن رويندرا منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو. هو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي ٻنهي ۾ پنهنجي پهرين ميچ تي سينچري ٺاهيندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو. هن 2023 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف سينچري اسڪور ڪئي هئي. ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 19 رانديگر اهڙا آهن، جن پنهنجي عالمي ڪپ جي ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته 15 رانديگرن چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ سينچري ٺاهي، پر رچن رويندرا ئي واحد رانديگر آهي جنهن ٻنهي وڏن آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو
. بنگلاديش خلاف سينچري راچن رويندرا جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ رڳو 30 اننگز ۾ چوٿين سينچري هئي ۽ خاص ڳالهه اِها آهي ته سندس سڀ سينچريون آءِ سي سي ايونٽس دوران ٺهيون. ڪيوي آل رائونڊر 2023 جي ورلڊ ڪپ ۾ به 3 سينچريون اسڪور پاڻ مڃرائي چڪو آهي.