رپڙي(رپورٽ: نياز خواجا) رپڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناٺي هٿان سس بندوق جا فائر ڪري قتل، ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جوابدار گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبرموجب بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ملوڪ ناريجو ۾ جوابدار امتياز ناريجو ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي سس 40 سالا امينا زال مولا بخش ناريجو کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي بھارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس ٻڌايو ته عورت کي پنهنجي ناٺي امتياز ناريجو ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو، مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدار امتياز ناريجو کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل بندوق ھٿ ڪئي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.