رپڙي(رپورٽ: نياز خواجا) رپڙي ڀرسان نافرمان پٽ ماني دير سان ڏيڻ تي جيجل ماءُ کي گوليون هڻي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار، خبر موجب بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽاڳڙو ۾ نافرمان پٽ سرمد عرف پپن ولد علي حسن پنھور مبينا طور ماني دير سان ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي جيجل ماءُ 65 سالا زرينا پنھور کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي بھارو پوليس پھچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروي ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ماني دير سان ڏيڻ تي پٽ ماءُ کي قتل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.