رپڙي (ن پ ا)  مهمانوازي طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ ۾جتي اوطاقون ويران ٿي رهيو آهي اتي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ مور لاڙڪ ۾ مور لاڙڪ جي اوطاق اڳ به آباد آهن. جيڪا اڄ به ثقافتي شين رلھي، اجرڪ، پنڊي، چرخي، پاڃاري، ھر، حقو ٺڪر جا ٿانو، ڇڄ، ڪارائي واحولو، ڪھاڙي، ٻياني ۽ ٻين شين سان سجايل رھي ٿي،  ان ڏس ۾ علائقي جي ساڃاھ وندن ڊاڪٽر الھوڌايو ڪلھوڙو، محرم علي ڀٽي، انور علي وسطڙو، حاڪم ناريجو، اڪرم شيخ، ۽ ٻين ٻڌايو ته گهڻي ڀاڱي اوطاقون پنهنجو اوج وڃائي ويٺيون آھن اڳ ھر ڳوٺ ۾ اوطاق ھوندي ھئي، اوطاقن ۾ روز رات جو ڳوٺاڻا اچي مڙي ميلو مچائيندا ھئا، سڄي ڏينهن جي ڪار گذاري سان گڏ ڏک سور اوريندا ۽ صلاح مشورا ڪندا هئا، ڪچھري ۾ قصا ڪهاڻيون، پھاڪا، ڏور بيت، شاعري ذريعي سڄي سڄي رات گذري ويندي هئي ، سياري جي سرد راتين ۾ وڏا مچ مچندا هئا ائين راتين جون راتيون به شغلن ۾ گذري وينديون هيون، شادي جون تاريخون طئي ٿينديون هيون، وھانوَ جا ڪاڄ پڻ اوطاقن ۾ ٿيندا هئا، مھمان، مسافر اچي راتيون رھندا ھئا، اوطاقن جي ڪچھرين مان ئي سگهڙ پيدا ٿيندا هئا، آساني سان چئي سگهجي ٿو ته ادب اخلاق، نياز نوڙت، سخاوت جي اوطاقن مان ئي سکيا ملندي هئي، پر 1979 کان ڌاڙيل فيڪٽر جي شروعات سان ئي اوطاقون ويران ٿيڻ لڳيون، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، مٿان وري مھانگائي سبب تمام گهڻو مصروف ٿي ويا، وري موبائيل فون اچڻ کانپوءِ ته گهڻا ماڻهو اڪيلائي پسند بڻجي ويا، شادي جا اڪثر پروگرام شادي حالن ۾ ۽ ماڻھن جا گهڻا ميڙ ھوٽلن ڏي منتقل ٿي ويا، پر اڃا به مور علي لاڙڪ کي جس هجي جيڪو اوطاق جي اھائي رونق بحال رکيون ٿو اچي، سدائين مسافر، مھمان ھتي ترسيل ملن ٿا. مور لاڙڪ جو چوڻ هو ته اسان کي ھي اوطاق وارو نظام پنجن پيڙھين کان ورثي ۾ مليل آهي.