رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ جهنڊو ناريجو ۾ صبح جو سوير نامعلوم ھٿياربندن حملو ڪري ننڊ ستل گهر ڌڻي اڳوڻي اسپيشل پوليس ٽيم انچارج محراب ناريجو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف مليل ڄاڻ موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته 2016 ۾ پڻ مقتول جي گهر تي حملو ڪري سندس گهر واري ۽ ٻن نياڻين کي پڻ قتل ڪيو ويو ھو، مقتول جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪري تڏو وڃايو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.