رپڙي (ن پ ا) رپڙي ڀرسان ڏيڍ مھينو اڳ نوجوان عبدالواحد عرف ڪراڙو خواجه کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته عبدالوحيد خواجه کي زخمي ڪيو ويو هو، جنهن جو نبيرو اظھر خان ڪماريو، جمن شاهه ۽ ٻين ڳوٺ ملان اسماعيل جي پڙ تي ڪيو، خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار رحيم خواجه مٿان 20 لک ڏنڊ رکيو ويو جڏهن ته 5 لک مقتول تي پوليس کان باھ ڏيارڻ جي الزام ۾ ڪاٽا ڪيا ويا، 6 لک مقتول جي وارثن تڏي جا بخش ڪيا 50 ھزار موقعي تي ادا ڪيو ويو، باقي رقم ساڍا 8 لک ٽن قسطن ۾ 9 مھينن دوارن ادا ڪيا ويندا. جڏھن ته زخمي عبدالوحيد خواجه کي لڳل ٻن گولين جا 2 لک جوابدار وسيم خواجه ۽ لياقت خواجه مٿان رکيا ويا، اگر جوابدارن جا وارث قرآن پاڪ کڻي چوندا ته اسان ملوث ناھيون ته مٿن ڪو به ڏنڊ نه ھوندو، آئندہ اڳرائي يا شرارت ڪندڙ ڌر کان 10 لک ڏنڊ ورتو ويندو جنهن کان پوءِ ڌرين کير کنڊ ٿي ڀاڪر پاتا ۽ دعاء خير گهري وئي،