رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان ڪمند جي ڪٽائي ڪندڙ پورهيت جهنگلي جانور جي حملي ۾ زخمي، نوجوان اسپتال داخل  ڪرايو ويو. خبر موجب رپڙيءَ ويجهو ڳوٺ ڦُلوءَ جو رھواسي پورھيت منير ڪاسائي ڪمند جي ڪٽائي ڪري رهيو هو ته مڇريل جانور (سوئر) اوچتو ٻاهر نڪري آيو، پورھيت جانور کي ڏسي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران سوئر کيس ڊوڙائي ڊوڙائي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن  بعد نوجوان بي ھوش ٿي ڪري پيو. ساٿي پورھيتن کيس کڻي مقامي اسپتال پهچايو، جتي کيس علاج ڏيڻ بعد ھوش ۾ آندو ويو. زخمي پورهيت جي  طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي.