گمبٽ/رپڙي/ راضديديرو (نمائندن وٽان) رپڙيءَ ڀرسان جتوئي- ڀٽي تڪرار تان ٻيهر رتوڇاڻ، تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڀٽي ڌر جي ٻن ڄڻن قتل ڪري ڇڏيو. بھارو ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو- خيرپور باءِ پاس حنيف شاھ اسٽاپ وٽ تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن ڪار سوار ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪري گوليون هڻي ڳوٺ لعل بخش ڀٽي واسي 38 سالن جي امام بخش ڀٽي ۽ ڳوٺ سونو خان ڀٽي واسي 45 سالن جي جاويد ڀٽي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، واردات بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا. علائقي واسين زخمين کي کڻي گمس اسپتال پهچايو، جتي ٻئي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.  ٻن ڄڻن جي قتل جي واقعي بعد وارث وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. بعد ۾ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ۽ پير آف گمبٽ نورالھديٰ شاھ احتجاج واري هنڌ پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. مقتول نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ پڻ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. ان ڏس ۾ ڀٽي ڌرجي ارباب ڀٽي ٻڌايو ته ھڪ مھينو اڳ جتوئي برادريءَ جي ماڻهن اسان جي واري جو پاڻي بند ڪيو هو، جنهن تان جهيڙي ۾ منٺار جتوئي مارجي ويو هو، ان پلاند ۾ جتوئي ڌر جي ماڻهن حملو ڪري اسان جا ٻه نوجوان قتل ڪيا آهن. ھوڏانھن بھارو پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ڌر سان تعلق رکندڙ لطف الله جتوئي ۽ پير بخش جتوئي جي خالي پيل گهرن کي ڪرين مشين ذريعي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.