ڪراچي: سنڌ ڪابينا گريڊ 19 جي ڪاموري طارق منظور چانڊيو کي ٽرانس ڪراچي جو سي اي او مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو بنيادي مقصد بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي کي جديد ڪاروبار تي منتقل ڪرڻ آهي. ڪابينا رٽائرڊ سينيئر جج ڌرمن اي اکاڻي کي ڊرگ ڪورٽ جو ڪل وقتي ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو . ڪابينا شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جي ڪانٽريڪٽي استادن جي مدي ۾ 3 کان 4 مهينا واڌ جي منظوري ڏيندي صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته مقرر وقت ۾ نوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن. ڪابينا رٽائرڊ سيڪريٽري اعجاز ميمڻ کي ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پرسنز جو چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ڊاڪٽر نبيلا شاهه جيلاني کي سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ جو غير سرڪاري ميمبر مقرر ڪيو.