ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ صحت کاتي جي گريڊ 20 جي رٽائرڊ آفيسر ڊاڪٽر پريتم جي پينشن بند ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر کي سومر تي طلب ڪري ورتو، پٽيشنر ڊاڪٽر پريتم جي وڪيل آغا جهانگير ڪلهوڙي موقف اختيار ڪندي چيو ته منهنجي اصيل جي رٽائرمينٽ جي اڍائي سالن کانپوءِ پينشن بند آهي، اي جي سنڌ آفيس ٻڌايو ته صحت کاتي پينشن روڪي ڇڏي آهي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر پريتم خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پٽيشنر جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن پاران ڪيس بابت اطلاع نه ڏنو ويو ۽ نه ئي وري طلب ڪيو ويو، ٽن سالن کانپوءِ ڪيس داخل ٿيڻ جو پتو پيو آهي.