ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ دهشتگردي جو مسئلو آهي، ملڪ ۾ جٽادار امن لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ڪيو وڃي، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ گورننس بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتان دهشتگرد اچي سنڌ ۽ پنجاب ۾ حملا ڪن ٿا. رياست خلاف ملڪ دشمن ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ 30 کان 40 لک افغافي ترسيل آهن، افغانستان سان انٽيليجنس ۽ پوليٽيڪل ( سياسي )طور رابطا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي هوندي ته سيڙپڪاري نه ٿي سگهندي، هن چيو ته ملڪ کي ويلفيئر اسٽيٽ ( فلاحي رياست) ٺاهڻ ۽ سياسي يڪجهتي جي ضرورت آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ نسل کي بهترين پاڪستان ڏئي وڃون ، هن چيوته آمريڪا پاران پاڪستان جي 4 ادارن تي ڪجهه پابنديون لڳايون ويون آهن، اسان جي ميزائل ٽيڪنالاجي پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ آهي، آمريڪا کي انڊيا جي اگني ميزائل تي ڪو اعتراض ناهي، رڳو پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي اعتراض آهن، هن چيو ته آمريڪا سميت ڪنهن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي مداخلت ڪرڻ نه گهرجي. هن چيو ته اولهه پاران ملٽري ڪورٽن تي اعتراض واريا پيا وڃن، کين خبر هجن گهرجي ته پاڪستان جو پنهنجو آئين ۽ قانون آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي، انهي ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ بهتر آهي، کين عدالتن مان ئي رليف ملي سگهي ٿو. هن چيو ته فوج جو پنهنجو ڪو به ڪاروبار ناهي سولين ۽ رٽائرڊ ملازم فائونڊيشن تحت ڪاروبار ڪن ٿا.