رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر مان ڦرلٽ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار ملوث نڪتا

0
227
رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر مان ڦرلٽ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار ملوث نڪتا
رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر مان ڦرلٽ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار ملوث نڪتا

ڪراچي: سعيد آباد سيڪٽر 14 سي ۾ رٽائرڊ انسپيڪٽر جي گهر مان ڦرلٽ ۾ سي ٽي ڊي اهلڪار ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

پوليس موجب اهلڪار عمران علي ۽ سعادت مروت سميت ٽن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو

رٽائرڊ انسپيڪٽر جي فرياد تي سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

فريادي الزام هنيو آهي ته ٻن پوليس موبائيلن ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار 11 کان وڌيڪ ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا

فريادي رٽائرڊ انسپيڪٽر موجب گهر ۾ داخل ٿيندڙ هڪ شخص پنهنجو تعارف سي ٽي ڊي گارڊن جي آفيسر نذير جي نالي سان ڪرايو

ٻن ڄڻن کي پوليس وردي پاتل هئي، ٻيا سادن ڪپڙن ۾ هئا، ڌيئرن سان بدتميزي ڪئي وئي، منهنجي پٽ عامر تي تشدد ڪيو ويو، تلاشي دوران گهر مان 4 تولا سون ۽ٻه لک رپيا ڦر ڪيا ويا