رِڻ گجيو راڙو ٿيو ….

0
19
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

اڄ محرم الحرام جي ڏهين تاريخ آهي. اڄ دُنيا جي ماتم ڪدي ۾ شامِ غريبان موٽي آئي آهي. اڄوڪي ڏينهن تي ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ باطل جو معرڪو ٿيو هو. ان معرڪي ۾ حق جي واٽ جي پانڌيئڙن ٿورائيءَ ۾ هوندي به هڪ وڏي لشڪر کي تاريخ ۾ نفرت ۽ ملامت جو استعارو بنائي ڇڏيو. حضرت حُسين عه ۽ ان جي جانثارن حق جي راهه تي هلندي پنهنجا سر قربان ڪيا ۽ باطل جي بيعت کان انڪار جي جُرئت ڪري امر ٿي ويا. ڪربلا جنگي ميدان ئي نه پر هڪ درسگاهه جو نالو آهي. ان درسگاهه جو سبق اهو آهي ته، ڪنهن جابر جي اطاعت بدران انڪار جي جُرئت ڪري امر ٿي وڃجي.

اڄ يومِ عاشور آهي. سڄي ملڪ ۾ عزاداريءَ جا اجتماع ۽ مجلسون جاري آهن. حضرت حُسين عه جو حق ۽ سچ جو فڪر اهڙي شمع مثل آهي، جنهن شمع جي سُهائي تي لکين پروانن جا ميڙاڪا آهن. اهو هڪ اهڙو سوجهرو آهي، جو باطل جي تاريڪي ۽ اونداهيون گڏجي به سُهائي جي ان مرڪز کي شڪست ڏئي نٿيون سگهن. روشني، اوندهه جو موت آهي، اوندهه کي اهو موت اوس اچڻو آهي ۽ ان کي ئي حق ۾ ويساهه ۽ ايمان سڏجي ٿو. حضرت حُسين عه حق طرف هو ۽ جنهن طرف حُسين عه آهي، حق ان طرف آهي. ڪربلا حق ۽ باطل جي وچ ۾ واضح لِيڪو ڇِڪي ڇڏيو آهي. حق ۽ باطل جي آميزش نٿي ٿي سگهي. حق ۽ باطل جي وچ ۾ سرچاءُ ممڪن نه آهي. حق ۽  باطل جون تلوارون هڪ مياڻ ۾ سمائجي نٿيون سگهن. جيڪڏهن ائين ممڪن هجي ها ته، ڪربلا ڪونه ٿئي ها. حضرت حُسين عه نالو آهي صبر و رضا جي ناقابلِ يقين صورت جو. ڪربلا جي سرزمين تي حضرت حُسين عه جي جانثارن پنهنجي خُون سان وفا جو نصاب تحرير ڪيو. ڪربلا هڪ درسگاهه آهي ۽ اهو ئي نصاب هن درسگاهه مان عالمگير ٿيو آهي. ڪربلا هر جابر جي سامهون “نه” چوڻ جي جُرئت جو نالو آهي. ڪربلا اهو سبق سيکاري ٿو ته، حق هر صورت ۾ سربلند ٿئي، پوءِ نيزن تي سر، بلند ئي ڇو نه ٿين. ڪربلا ملڪيت ۽ ملوڪيت جي تڪرار جو نتيجو نه هو. ڪو جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجا معصوم ٻچا وٺي ويندو آهي؟ اها ته باطل طرفان حق  جي رستي روڪ هئي. اهوئي سبب آهي جو حق اڄ به زنده ۽ سرخرو آهي.

هونئن ته ملڪ ۾ ڪئلينڊر چئن موسمن تي مشتمل آهي، پر هڪ اهڙي موسم به آهي، جيڪا سڄي ڪئلينڊر تي محيط آهي ۽ اها آهي غمِ حُسين عه جي موسم. اها موسم ڪنهن ڪئلينڊر جي محتاج نه آهي. ڪربلا جي شهيدن جي غم جي موسم تي صديون گُذرڻ باوجود ضعف ۽ زوال اچي نه سگهيو آهي. هِي غم اهڙو وکر آهي، جيڪو پئي پُراڻو نه ٿئي. اڄ به پلڪن تي لُڙڪن جا ڏِيئا ٽِمڪندي ملن ٿا. اهي لُڙڪ ئي آهن، جن جي ڪري غمِ حُسين جو سلو صدا سائو رهي ٿو.

اڄوڪو ڏينهن تراڙن جي گهاوَن جو درد، گُرزن ۽ بڙڇين جي اذيت رُوح جي گهرائيءَ تائين محسوس ڪرڻ جو ڏينهن آهي. حق تي هلڻ وارا ٿورائيءَ ۾ ئي سهي پر اهي هميشه باطل سامهون سينو ساهي بيهندا آهن. ڪربلا اڄ به جاري آهي، اڄ به بيعت (حُڪمرانيءَ لاءِ مينڊيٽ) لاءِ جبر ختم ٿي نه سگهيو آهي. اڄ به درياءَ قيدي آهي. اڄ به ڪربلا جي درسگاهه جي سبق کي هِيئين سان هنڊائڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ عزاداريءَ ها اجتماع ۽ مجلسون جاري آهن. مسلڪي هم آهنگي ۽ امن جون بدخواهه قوتون پنهنجي مذموم مقصدن جي پورائي لاءِ ممڻ مچائي سگهن ٿيون. مذهبي ۽ مسلڪي اجتماع اهڙين قوتن لاءِ سافٽ ٽارگيٽ هوندا آهن. ٻيو ته دهشتگرديءَ جو راڪاس “آدم بوءِ- آدم بوءِ” ڪري لامارا پيو ڏي. اهڙي صورتحال ۾ امن امان جي بهتر اُپائن ۽ فول پروف سيڪيورٽي جي ضرورت ويتر وڌي وڃي ٿي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته، اها امن امان کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.