ٽنڊو ڄام : ريگيوليٽري ڪميٽي ۾ سارين ۽ ڦٽي جي ٻج جو اگهه مقرر ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي ،سارين جو پري بيسڪ ٻج 6500 روپيه مڻ ،بيسڪ ٻج 5500 رپيه مڻ ،جڏهن ته سرٽيفائيڊ ٻج 5000 روپيه مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي ،جڏهن ته ڦٽي جي ٻج پري بيسڪ 26000 رپيه مڻ ،بيسڪ ڦٽي جو ٻج 22000 روپيه مڻ ۽ سرٽيفائيڊ ٻج وري 24 هزار 4 سو 63 روپيه مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.