قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ ڪورونا وائرس دوران صحت کاتي ۾ ڊيلي ويجز تي ڀرتي ٿيل ڪچن ملازمن 9 مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ ۽ ريگيولر نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ سرفراز لاکو، زبير مگسي، ياسر منگي، آصف بروهي، مقبول ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي 2021ع ۾ ڪووڊ 19 ۾ صحت کاتي ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر، والنٽيئر ۽ ڊسپينسر طور 6 سئو رپيا ڏهاڙي تي ڀرتي ڪيو ويو هو، هينئر به ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، 9 مهينا گذرڻ باوجود اسان کي پگهارون جاري نه ڪيو ويون آهن، هنن چيو ته 4 سال گذرڻ باوجود اسان کي ريگيولر به ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪووڊ ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن کي ريگيولر ڪيو ويو آهي، هنن صحت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پڪو ڪيو وڃي.