ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) تصور ڪريو ته توهان ڪنهن ريگستان ۾ هجو ۽ اوچتو توهان جا وار اڀا ٿي وڃن ته؟ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو پر چين جي صوبي سنڪيانگ ۾ ڪومتاغ ريگستان ۾ سياحن سان اهو سڀ ڪجهه حقيقت ۾ ٿيو به آهي. ان جي وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي. ريگستان جي گائيندر زاهو ۽ سياحن جي گروپ سان اهو سڀ ڪجه ان وقت ٿيو جڏهن هو هڪ ڀٽ تي پهتا. ان وقت ڪڪر ڇانيل هئا ۽ اتي پهچڻ تي مٿي ۽ جسم جا وار اڀا ٿي ويا جڏهن ته وڊيو ۾ آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. زاهو ٻڌايو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جنهن ڪري اسان ان ڀٽ تي 4 کان 5 منٽ ئي گذاري سگهيا ۽ پوءِ هيٺ لهي آيا. سائنسدانن موجب اها خطرناڪ صورتحال هئي. ڇاڪاڻ ته سياحن جي مٿان بجلي جي ڪرنٽ وارا ڪڪر هئا جنهن سان وار اڀا ٿي ويا. ڪو حادثو به ٿي سگهيو ٿي.