ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي آهي ته ريڊ لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ عالمي ڪنسلٽنٽس تعميراتي ڪم عالمي معيار موجب مڪمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجون ٽيڪنيڪل سفارشون پيش ڪيون، اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين منصوبو ڪراچي واسين لاءِ گيم چينجر آهي، اها رٿا روزانو هزارين مسافرن کي سفر جون جديد سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي کوٽ کي گهٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اسان انهي ۾ وڌيڪ دير نٿا ڪري سگهون. هن ٽرانسپورٽ کاتي کي يوٽلٽي سروسز فراهم ڪندڙ ادارن سان ويجھا رابطا رکڻ جون ھدايتون ڏنيون.