ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪري ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا جي ڪم جي صورتحال، ٽيڪنيڪل رڪاوٽن، ڪنسلٽنٽس جي ڪارڪردگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو شھر جي ڳتيل آبادي وارن علائقن مان گذري رھيو آھي، جتي يوٽيلٽيز سروسز جي منتقلي وڏو مسئلو آھي. ھن چيو ته انهي روٽ ۾ 5 وڏيون يونيورسٽيون اچن ٿيون، ڄاڻايل منصوبو لکين شھرين کي فائدو پھچائيندو، هن چيو ته نگران دور  ۾ 9 مھينن تائين منصوبي تي ڪم رُڪيل ھو، ھن وڌيڪ چيو ته پنڪ بس سروس جھڙن ڪامياب منصوبن جو مقصد شھرين لاءِ سفري سھولتن کي بھتر بڻائڻ آھي.