ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ريپر طلحه انجم جي ڊيبو فلم ”ڪٽر ڪراچي“ جو پريميئر ڪراچي ۾ ٿي گذريو، جيڪو مقامي سينما ۾ منعقد ڪيو ويو، پريميئر ۾ مختلف فلمي ستارن شرڪت ڪئي. ڳائڻي طلحه انجم پنهنجي ان فلم جي ذريعي اداڪاري جي ميدان ۾ به پير پاتو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا طلحه پنهنجي ڏسندڙڻ جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندو. ”ڪٽر ڪراچي“ جي ڪهاڻي ڪراچي ۾ ڏوهاري پيشه ماڻهن ۽ حڪمراني جو خواب ڏسندڙن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڄاڻايل فلم جو پريميئر ۽ ريڊ ڪارپيٽ جي تقريب ڪراچي جي مقامي سينيما۾ ٿي گذريو، جنن ۾ شو بز ۽ ڊراما انڊسٽري ي ماڻحن شرڪت ڪئي. فلم جي ڊائريڪٽر عبدالولي بلوچ چيو آحي ته فلم ڪراچي جي هر شهري جي لاءِ آهي. فلم ۾ مک ڪردار طلحه انجم ۽ ڪنزه هاشمي ادا ڪيو آهي. فلم پريميئر ۾ شريڪ اداڪار ياسر حسين ۽ وجاهت رئوف سميت ٻين فنڪارن ان فلم کي ساراهيو آهي.