واشنگٽن: آمريڪي ايوان نمائندگان جي هڪ سئو سيٽس مان 51 سيٽس ريپبلڪن پارٽي ٻهاري 4 سالن کانپوءِ اڪثريت حاصل ڪري ورتي،  ڊيموڪريٽ پارٽي جون ايوان نمائندگان ۾ 42 سيٽون آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي ڳري اڪثريت سان ڪاميابيءَ تي ريپبليڪن پارٽي ۽ حامين جشن ملهايو. آمريڪي ڪانگريس يا سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ اميدوار ئي ايجنڊا تي عملدرآمد ڪرائي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينيٽ م ري پبلڪنز جي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ اوهائيو ۽ اولهه ورجنيا اهم ڪردار ادا ڪيو. ميڊيا رپورٽ موجب اولهه ورجنيا ۾ ري پبلڪنز گورنر جم جسٽس جو مقابلو ڊيموريٽ اميدوار گلين ايليٽ سان هو، ووٽنگ جو عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي جم جسٽس جي فتح جو اعلان ٿي ويو، جيڪو اعليٰ ايوان ۾ ريپبلڪنز جي برتري جي پهرين اميد بڻي.