رينٽل پاور ڪيس ۾ راجا پرويز اشرف سميت سمورا جوابدار بري

0
24

اسلام آباد جي احتساب عدالت رينٽل پاور ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، رينٽل پاور ڪيس جو تحريري فيصلو احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ جاري ڪيو، عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو ته جڏهن اصل جوابدارن خلاف نيب فيصلو واپس وٺي چڪي آهي ته پوءِ ٻيا جوابدار به بري ٿيڻ جا حقدار آهن، بري ٿيندرن ۾ راجا پرويز اشرف، محمد اسماعيل قريشي، فضل احمد خان، اسماعيل زبيري ۽ ٻيا شامل آهن