لاهور (شوبز نيوز) ماضي جي مشهور فلمي هيرو افضل خان (جان ريمبو) شادي شده مردن کي زال جي ڪاوڙ وقت خاموش رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، تازو ئي اداڪار ريمبو ۽ اداڪار سعود هڪ خانگي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران ميزبان مديحا نقوي ٻنهي اداڪارن کان سندن ڪامياب شادي شده زندگي بابت سوال ڪيا. سوال جي جواب ۾ جان ريمبو چيو ته جيڪڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال جي عزت ڪندو آهي ته ماڻهو سمجهندا آهن ته هو پنهنجي زال کان ڊڄندو آهي پر حقيقت ۾ ڪو به پنهنجي زال کان نه ڊڄندو آهي، زال کي عزت ۽ پيار ڏنو ويندو آهي. اداڪار ريمبو جو چوڻ آهي ته جيڪو مرد پنهنجي زال يا عورت جي عزت نه ڪندو آهي اهو مرد ناهي، اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته جيئن مرد ناراض ٿئي ٿو، تيئن عورت به ناراض ٿيڻ تي زور سان ڳالهائي سگهي ٿي، پر اسان جي ڪامياب ازدواجي زندگي جو ڪمال اهو آهي ته جيڪڏهن صاحبه کي ڪاوڙ اچي ته مان نه ڳالهائيندو آهيان ۽ جيڪڏهن مون کي ڪاوڙ ايندي آهي ته هوءَ نه ڳالهائيندي آهي، ان جو فائدو اهو آهي ته اسان جي ويڙهه دوران ڳالهه ناهي وڌندي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي ڪاوڙ اچي ۽ ٻيو به جواب ڏئي ته ڳالهه وڌي ويندي آهي، ڳالهه ٻولهه دوران ريمبو جو چوڻ هو ته شادي شده مردن کي مشورو آهي ته جڏهن زال ڳالهائي ٿي ته اوهان خاموش ٿي وڃو، 5 منٽن بعد اها پاڻ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ۽ پوءِ اوهان لاءِ چانهه جو ڪپ پيش ڪندي، پر جيڪڏهن اوهان به جواب ڏيندا ته ڳالهه وڌي ويندي ۽ فون ڪري پنهنجي ماءُ کي به گهرائي سگهي ٿي، تنهن ڪري اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته اداڪار ريمبو ۽ اداڪاره صاحبه جو شمار پاڪستاني شوبز جي ڪامياب شادي شده جوڙن ۾ ٿئي ٿو، ٻنهي جي شادي 1997ع ۾ ٿي هئي ۽ سندن ٻه پٽ آهن.