اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو ريلوي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار، چيف جسٽس چيو آهي ته اربين رپين جو قرض وٺڻ سبب پوري قوم ڀوڳي رهي آهي، پاڪستان کي قرض نه عوام لاءِ روزگار گهرجي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ريلوي گالف ڪلب ليز بابت ڪيس جي بڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ريلوي چيو ته عدالتي اسٽي سبب ريلوي جي زمين ليز تي نه ٿا ڏئي سگهون، زمين ليز تي ڏئي روينيو حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريلوي جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا ۾ ريلوي جو شعبو حڪومت کي روينيو ڏيندو آهي پر پاڪستان ۾ اربين رپيا قرض ورتو ويندو آهي، پاڪستان ۾ قرض حساس معاملو بڻجي ويو آهي، اربين رپين جو قرض وٺڻ سان پوري قوم قرضي ٿي چڪي آهي، ريلوي اختياريون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪن، جامع پلان پيش ڪريو، ايم ايل ون پراجيڪٽ اربين ڊالرز وٺڻ باوجود مڪمل ناهي ٿيو، ٻڌڻي دوران ريلوي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ايم ايل ون 9.8 ارب ڊالر جي رٿا آهي ۽ ايڪنڪ ان جي منظوري ڏئي چڪو آهي. ان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اربين ڊالر قرض کڻي منصوبي تي لڳائڻ جي ڳالهه هر ڪو ڪندوآهي، مُلڪ ۾ اربين ڊالر جو انفراسٽرڪچر  پهريان کان موجود آهي، ان تي ڇا ڊليور ڪيو آهي؟ اربين ڊالر قرض وٺڻ سبب ئي اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي،چيف جسٽس چيو ته موڪلن دوران سنڌ ۾ ريل جو سفر ڪيو آهي، سنڌ ۾ ريلوي لائينن جي ڀرپاسي ٻوڏ جو پاڻي اڃا بيٺو آهي، برساتن کي مهينا گذري ويا آهن، پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ريلوي اختيارين ٻڌايو ته بلوچستان ۾ صورتحال سنڌ کان به بدتر آهي، عالمي ميگزين دي اڪانومسٽ پاڪستان جي روڊن تي مضمون شايع ڪيو هو، عالمي مضمون جو عنوان هو ته ”اهي روڊ جيڪي ڪيڏانهن ناهن ويندا“ ملڪ کي آسائشون نه پر ڪارڪردگي گهرجي، اربين ڊالرز جا منصوبا لڳائڻ سان عدالت متاثر نه ٿيندي، ريلوي جي زمينن جي چئوطرف حددخلين جي ڀرمار آهي،  ريلوي لائين کان 15 فوٽ جي فاصلي تي ماڻهن جا گهر آهن، ريلوي پنهنجي زمين جي حفاظت نه ڪندو ته ان تي ماڻهو ته ويهندا، ريلوي سرگرميون زيرو هونديون ته ان ڪمرشل سرگرمين جو ڇا ڪنداسين؟ لاهور خانيوال سيڪشن تي رڪشه ٽرين جي ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا،  حادثو بي وقوفي ۽ بدانتظامي جو نتيجو هو، ڪا دهشتگردي نه هئي، هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو سڄو ڏينهن ريلوي لائينن تي ويٺا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ڪا رڪاوٽ ناهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ سال 2021ع ۾ ريلوي ايراضي جي ليز ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، عدالتي فيصلي سبب گالف ڪلب جي ايراضي جي ليز جو عمل رڪجي ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ريلوي جي زمينن جي وڪري ۽ ليز جو لائسنس نه ٿا ڏئي سگهون، ريلوي مڪمل بزنس پلان جوڙي ڏئي ته پوءِ جائزو وٺنداسين. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪوئيٽا ۾ ريلوي جا رهائشي ڪوارٽر وڪرو ٿي چڪا آهن، سيڪريٽري ريلوي چيو ته جيڪا زمين استعمال نه ٿي رهي آهي، ان کي ڪمرشل ڪرڻ چاهيون ٿا، چيف جسٽس سوال ڪيو ته ريلوي کاتو وفاقي حڪومت کان ڪمرشل اداري طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڇو نه ٿو وٺي، ريلوي هن وقت مالي بحران جو شڪار آهي، ملازم ضرورت کان وڌيڪ آهن، پينشنرن جو به بار آهي. سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻن هفتن ۾ ريلوي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ بابت گڏيل پلان عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 23 جنوري کان شروع ٿيندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.