ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ٿاڻي جي  حد مان  350 فٽ ريلوي جون پٽڙيون چوري ڪرڻ جو ڪيس ريلوي ملازم جي فرياد تي ٽنڊوجان محمد ٿاڻي تي چئن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر ۾ فريادي ريلوي ملازم اسد مھر موقف اختيار ڪيو آهي ته ھو ريلوي لائن ٽريڪ جي پيٽرولنگ ڪرڻ لاءِ نڪتل ھو ته ان دوران ريلوي ٽريڪ جي لائن 127/128 ڪلوميٽر رينج  تي چار ماڻھو ڪٽر مشين سان پٽڙيون ڪٽي رھيا ھئا اتي شھزور گاڏي بيٺل ھئي، ريلوي ملازم چورن کي سڃاڻي ورتو جنھن تي چار ئي ماڻھو شھزور گاڏي تي چڙھي فرار ٿي ويا، اسان چوري واري ھنڌ تان  تقريباً 350فٽ ريلوي جون لوھي پٽڙيون تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي آياسين، ۽ چار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي. پوليس موجب ريلوي اختيارين پاران ليٽر ملڻ تي ريلو ملازم اسد مھر جي فرياد تي چئن جوابدارن رضوان عرف جانو راجپوت، ڪامران عرف فوجي، صدام گشڪوري، نندو عرف ناٿو خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي.